ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ رٿيل ميچ جون پهرئين مرحلي واريون سموريون ٽڪيٽون هڪدم وڪرو ٿي ويون آهن. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ مقابلن ۾ ننڍي کنڊ جي ٻن وڏين مخالف ٽيمن جي ميچ جون پهرئين مرحلي واريون ٽڪيٽون ختم ٿي ويون آهن، جيڪي رڳو 3 ڪلاڪن جي اندر وڪرو ڪيون ويون. جڏهن تھ ٻنهي ملڪن ۾ ميچ 28 آگسٽ تي يو اي اي ۾ کيڏي ويندي. هوڏانهن ايونٽ جي انتظاميا جو چوڻ آهي تھ مقابلي جي پلاٽينم مرحلي جون ٽڪيٽون جلد وڪري لا پيش ڪيون وينديون، اميد تھ اهي بھ جلد ختم ٿي وينديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close