رانديون

بورڊ رانديگرن کي پرڏيهي ليگز کان روڪيو تھ عدالت ويندس: مدثر نذر

پاڪستان جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر مدثر نذر پي سي بي کي خبردار ڪندي چيو آهي تھ رانديگرن کي پرڏيهي ليگز کان روڪيو ويو تھ اسين عدالت ۾ ويندس. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ ليگز کيڏڻ کان روڪڻ هاڻ پي سي بي جي وس ۾ ناهي، اهو ڪيستائين ائين ڪندو، ايمريٽس ليگ ۾ رانديگرن کي کيڏڻ جي اجازت ملڻ گهرجي. مدثر نذر چيو تھ ڊوميسٽڪ ليگز سبب ون ڊي ختم ٿيندي، تنهنڪري ٽيسٽ ڪرڪيٽ تي بار اچي سگهي ٿو. هن چيو تھ ڪرڪيٽر هاڻ ملڪ جو نٿو سوچي، سڄي دنيا جا رانديگر فرنچائيزن ڏي ڏسندا آهن، رانديگرن گهڻو نقصان برداشت ڪيو، گهڻي دير تائين چپ نھ رهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button