رانديون

ڪامن ويلٿ گيمز ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ارشد نديم ڏيهه پهچي ويو

ڪامن ويلٿ ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ جيولن ٿرو رانديگر ارشد نديم واپس ڏيهه پهچي ويو آهي، جنهن جو مانائتو استقبال ڪيو آهي. ميڊيا مطابق ارشد نديم ترڪش ايئر لائين جي جهاز ۾ لاهور ايئرپورٽ پهتو، جتي ماڻهن تمام وڏي تعداد ۾ سندس شاندار استقبال ڪيو ۽ مٿس گل نڇاور ڪيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ارشد نديم حڪومت کان مطالبو ڪيو تھ ايٿليٽس جا ميدان ڌار تعمير ڪرايا وڃن ۽ اسان کي عالمي معيار جي تربيت ڏني وڃي. پنجاب جي راندين واري وزير چيو تھ ارشد نديم قوم جو ڪنڌ اوچو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button