رانديون

فخرزمان جي سينچري، پاڪستان پهرئين ون ڊي ۾ نيدرليند کي شڪست ڏئي ڇڏي

نيدرلينڊ: 3 ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرئين ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم سخت مقابلي بعد نيدرلينڊ کي 16 رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي. جڏهن ته قومي ٽيم جي فخرزمان جي بهتر ڪارڪردگي رهي، جنهن 109 رنس اسڪور ڪيون، ڪالهه نيدرليند جي شهر روٽرڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 314 رنس ٺاهي ورتيون. پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات ۾ اوپنر امام الحق 19 بالن تي صرف 2 رنس ٺاهي پويلين واپس هليو ويو.

ان کانپوءِ فخر زمان ۽ بابراعظم ذميواري جو مظاهرو ڪندي 168 جي پارٽنرشپ ۾ اسڪور کي 178 تائين پهچايو، جڏهن ته بابراعظم 85 بالن تي 74 رنس ٺاهي پويلين موٽي ويو، ان کانپوءِ فخر زمان 196 رنس جي مجموعي اسڪور تي 109 رنس جي شاندار اننگز کيڏڻ کانپوءِ رن آئوٽ ٿي ويو ۽ ٽيم جي پوزيشن کي مستحڪم ڪيو، نوان رانديگر محمد رضوان 14، خوش دل شاهه 21 ۽ محمد نواز 4 رنس ٺاهي پويلين روانا ٿيا، جڏهن ته نائب ڪپتان شاداب خان 28 بالن تي 48 رنس جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي ۽ آغاز سلمان 27 رنس تي ناٽ آئوٽ رهيو.

نيدرلينڊ طرفان بالرن باسڊي ليڊي ۽ لوگن وين 2-2 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن 315 رنسن جي تعاقب ۾ نيدرلينڊ جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 298 رنس ٺاهيون. ميزبان ٽيم طرفان وڪرم جيت سنگهه 65 ۽ ٽام ڪوپر 65 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان حارث رئوف ۽ نسيم شاهه 3-3 رانديگرن کي پويلين واپس موڪليو، جڏهن ته محمد وسيم ۽ محمد نواز هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون، ٻي ميچ 18 آگسٽ ۽ ٽين ميچ 21 آگسٽ تي کيڏي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button