رانديون

ون ڊي ختم ڪرڻ واريون ڳالهيون فضول آهن: روهت شرما

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما چيو آهي تھ ڪرڪيٽ ۾ ون ڊي ختم ڪرڻ واريون ڳالهيون فضول آهن. ميڊيا سان ڳالهين دوران ون ڊي ڪرڪيٽ ختم ڪرڻ وارين تجويزن تي ردعمل ۾ هن جو چوڻ هو تھ ماڻهو ڪڏهن ون ڊي تھ وري ٽيسٽ ۽ ٽي 20 جي ختم ٿيڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا، اهو خيال کي بيڪار آهي تھ منهنجو ون ڊي ۾ ڪيريئر آهي، هر قسم جي فارميٽ ۾ کيڏڻ چاهيان ٿو. هن چيو تھ اسين ون ڊي کيڏندا آهيون تھ ميدان شوقينن سان هجي ٿو، هن فارميٽ جي اهميت آهي. هن چيو تھ منهنجي خواهش آهي تھ اڃا هڪ ٻيو فارميٽ بھ هجي، ڇوتھ راند کيڏڻ جو جنون رکان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button