رانديون

ويسٽ انڊيز پهرين ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ کي هارائي ڇڏيو

ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فاتحاڻي شروعات ڪئي آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ جا بيٽر 190 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، جنهن ۾ ڪپتان ڪين وليمسن 34، مائيڪل براسويل 31، فن ايلن ۽ مچل سينٽنر 25،25 رنسن سان نمايان رهيا. ويسٽ انڊيز جي ٽيم 39 اوورن ۾ 193 رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي ورتي. جڏهن تھ بيٽرن مان ڪائلي مايئرس 79 رنسن سان ٽيم کي 5 وڪيٽن تان ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button