رانديون

ڌون ۽ گل ڀارت کي فتح ڏياري ڇڏي، ڀارت هٿان زمبابوي کي 10 وڪيٽن تان شڪست

ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي 10 وڪيٽن تان آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ بيٽرن شيکر ڌون ۽ شبمن گل اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ميڊيا مطابق زمبابوي جي ٽيم 41 اوور ۾ 189 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن جي موٽ ۾ ڀارت جي اوپنرن 192 رنسون ڍاهي هدف پورو ڪري ورتو. زمبابوي جي بيٽرن ۾ ريگس چڪابووا 35، رچرڊ نگاروا 34 ۽ براڊ ايوانس 33 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ 5 بيٽر ڊبل فگر ۾ بھ نھ آيا. ڀارت جي اوپنرن شيکر ڌون 81 ۽ شبمن گل 82 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهي هدف ماڻي ميچ کٽرائي ورتي. جڏهن تھ ڀارتي بالرن مان ديپڪ چهار، پراسد ڪرشنا ۽ اڪشر پٽيل 3،3 وڪيٽون وٺي زمبابوي جو اسڪور محدود رکي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button