رانديون

فٽبال ورلڊ ڪپ جي ٽڪيٽ سائيٽ تان اسرائيل جو نالو هٽي ويو

فيفا جي ورلڊ ڪپ ٽڪيٽن واري ٽڪيٽ سائيٽ تان اسرائيل جي نالي کي هٽايو ويو آهي. ميڊيا مطابق فيفا جي قطر فٽبال ورلڊ ڪپ جي ٽڪيٽ ويب سائيٽ تي اسرائيل جو نالو ختم ڪري فلسطين کي شامل ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن عرب نيوز جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ قطر ۾ رٿيل فيفا ورلڊ ڪپ جا ميچ ڏسڻ خاطر پاڻ کي فلسطين جو شهري لکڻو پوندو. رپورٽ ۾ ان جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي تھ قطر اسرائيل تسليم نھ ڪندڙ ملڪ هجڻ سبب فيفا اختيارين فيصلو تبديل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button