رانديون

پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ جون ٽيمون سڀاڻي آخري ون ڊي کيڏنديون

پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي آخري ون ڊي ميچ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن ڪاميابي جو عزم ڪيو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي ماڻڻ بعد سڀاڻي واري ميچ بھ کٽي نيڌرلينڊ کي وائيٽ واش ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. جڏهن تھ نيڌرلينڊ جي ٽيم بھ پاڻ کي وائيٽ واش ٿيڻ کان بچائڻ جي طريقن تي غور ويچار ڪيو آهي. هوڏانهن پاڪستاني ٽيم جا رانديگر اڄ ميدان ۾ اچي پريڪٽس ۽ مقابلي جي تياري ڪندا. ياد رهي تھ پاڪستان کي ٽن ميچن واري سيريز ۾ 2 ميچن ۾ ڪاميابي سان برتري مليل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button