رانديون

ڪشمير ليگ ۾ مظفر آباد ٽائيگرز هٿان ڪوٽلي لائينز کي شڪست

ڪشمير پريميئر ليگ جي جاري مقابلن ۾ مظفر آباد ٽائيگرز 7 وڪيٽن تان ڪوٽلي لائينز کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪوٽلي لائينز جي ٽيم 7 وڪيٽن جي نقصان تي 156 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن ۾ خرم منظور 36، سرفراز احمد 33، احسن علي ۽ دانش عزيز 29، 29 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ مظفر آباد ٽائيگرز 157 رنسن جو هدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ڊي ايل ميٿڊ جي بنياد تي ڪاميابي ماڻي ورتي. مظفر آباد جي بيٽرن محمد حفيظ 62 ۽ حسيب الله 67 رنسن جي جارحاڻي راند کيڏندي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان فتح ڏياري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button