رانديون

پاڪستان کي بالر بچائي ويا،نيڌرلينڊ کي ڪلين سوئيپ شڪست

پاڪستان کي فاسٽ بالرن نيڌرلينڊ خلاف ون ڊي ۾ شڪست کان بچائي سيريز ۾ 0-3 تان وائيٽ واش ڪاميابي ڏياري ڇڏي، ميزبان نيڌرلينڊ جي ٽيم 207 رنسن جي ٽارگيٽ جو ڀرپور رفتار سان پيڇو ڪيو پر صرف 9 رنسون اڳ ۾ 197 جي اسڪور تي آئوٽ ٿي وئي، پاڪستان طرفان نسيم شاهه 5 ۽ محمد وسيم جونيئر 4 وڪيٽون وٺي اپ سيٽ جو خطرو ٽاريو. روٽر ڊيم جي ميدان تي ون ڊي سيريز جي ٽئين ۽ آخري دنگل ۾ پاڪستاني بئٽنگ لائن مزو نه ڪيو، ڪپتان بابر اعظم جي 91 رنسن کانسوا ٻيو ڪو به رانديگر گهڻي دير تائين ڪريز تي بيهي نه سگهيو ۽ 206 رنسن تي ڍينگو ڍيري ٿي ويو. جواب ۾ نيڌرلينڊ طرفان ٽام ڪوپر 62 ۽ وڪرمجيت سنگهه 50 رنسون ٺاهي پاڪستان کي چڱو سوڙهو ڪيو پر اوپ سيٽ نه ڪري سگهيا. فاتح ٽيم پاڪستان جي فاسٽ بالر نسيم شاهه کي پليئر آف دي مئچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button