رانديون

نيوزيلينڊ آخري ون ڊي ۾ ويسٽ انڊيز کي هارائي سيريز کٽي ورتي

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم آخري ون ڊي ۾ ويسٽ انڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ويسٽ انڊيز جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 301 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ نيوزيلينڊ 48 اوور ۾ 5 وڪيٽن تي هدف ماڻي ميچ کٽي ورتي آهي. ويسٽ انڊيز جي ڪائلي مائيرس جي 105 رنسون بھ ٽيم جي ڪم نھ آيون، نڪولس پوران بھ 91 تي آئوٽ ٿي ويو. جڏهن تھ نيوزيلينڊ جي بيٽرن ۾ ٽام ليٿم 69، ڊيرل مچل 63، مارٽن گپٽل 57 ۽ ڊيون ڪونوي 56 رنسن سان نمايان رهيا، سندس بالرن ۾ ٽرينٽ بولٽ 3 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button