رانديون

انگلينڊ 17 سالن بعد پاڪستان ۾ ٽيسٽ سيريز کيڏندي، شيڊول جو اعلان ٿي ويو

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن جي وڏي انتظار بعد هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پاڪستان اچي ٽيسٽ سيريز کيڏندي، جنهن جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي انگلش ٽيم خلاف ٽين ميچن واري هوم سيريز ڊسمبر ۾ کيڏڻ جي شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت پهرين ٽيسٽ پهرين ڊسمبر کان 5 ڊسمبر تائين راوالپنڊي ۾ کيڏي ويندي، جنهن جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. جڏهن تھ باقي ٻن ٽيسٽن مان هڪ 9 ڊسمبر کان ملتان ۾ کيڏي ويندي ۽ ٻي ٽيسٽ 17 ڊسمبر کان ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. هوڏانهن ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ذاڪر خان جو چوڻ آهي تھ انگلينڊ آخري ڀيرو 2005ع ۾ پاڪستان اچي کيڏيو هو، ٻيهر ميزباني تي خوشي ٿي رهي آهي، ڇوتھ ان جو 17 سال انتظار ڪرڻو پيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button