پاڪستان ۾ عورت ۽ مرد فٽبال ٽيمن جي رانديگرن کي برابر معاوضو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان فٽبال نارملائيزيشن ڪاميٽي عورت ۽ مرد رانديگرن ۾ فرق رکڻ بنا ماهوار معاوضن بابت فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي تصديق ڪاميٽي پڻ ڪئي آهي. نارملائيزيشن ڪاميٽي جي ميمبر هارون جو چوڻ آهي تھ عورت ۽ مرد رانديگرن کي ڪيمپ جوائن ڪرڻ تي 4 لک رپيا ماهوار ڏنا ويندا، جنهن سان گڏ عالمي ميچ جو الائونس 150 ڊالر هوندو، ميچ بنا ڏينهن تي 75 ڊالر روز ڏيڻ جو رٿيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close