ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تبديليءَ جي ڪابه اميد نظر نه پئي اچي

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

برسات ۽ ٻوڏ جي صورت ۾ آيل آفت، جتي خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ حضرت نوح جي عظيم ٻوڏ جهڙي حالت ڪئي آهي، اتي سياستدان، ساڳي انداز سان هڪٻئي جي ڄنڊاپٽ ڪري رهيا آهن. اهڙي ته Senseless نفسياتي ويڙهه آهي، جيڪا ختم ٿيڻ بدران وڌيڪ گهري ٿي رهي آهي. هنن سياستدانن کي خبر ناهي ڪيئن شاهي محلاتن ۾ سڪون جي ننڊ اچي ٿي. معصوم ٻارڙن جو ڪيهون، دانهون، بک ۽ بدحالي ۾ ڏٻرن انسانن جا سڏڪا، بزرگ عورتن ۽ مردن جون دانهون ۽ مائرن جا بک سبب مرندڙ ٻارڙن جي ڏک ۾ نڪرندر پار، سڀ ڪجهه هنن جو ڪجهه به بگاڙي نه رهيا آهن. هنن جي انا ۽ بدلي جي آڳ، جنهن ۾ پاڻ ته سڙي رهيا آهن پر ٻين کي به ڀسم ڪري رهيا آهن. هن قيامت صغريٰ ۾ به سڪون ناهي. بس جهيڙي، جنگ ۽ جدل جي راڳ جو الاپ آهي، جيڪو،اهڙي قوت جي هشي تي ڳاتو پيو وڃي، جنهن جي سيني ۾ دل ناهي. نه ئي سياستدانن جي دل ۽ دماغ ۾ ڪا انسانيت نظر اچي ٿي.
فطرت جي بي رحم ورتاءُ، جنهن انسانن کي تباهه ڪيو آهي. اتي باقي جيوت به ڄڻ مري مٽجي وئي آهي. رات جي سانت ۾ عجيب خاموشي آهي. هيءَ قبرستان جهڙي خاموشي، ان وقت ٽٽي ٿي، جنهن وقت ڪنهن بکايل يا ديوار هيٺان دٻيل انسان جي آخري دانهن ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. اهي جيڪي نيوز سنائفر آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن سياسي تبديليءَ جي کوج لڳائين ٿا، انهن کي يقين ٿي ويو آهي، سياسي پارٽين ۾ مائنس فارمولا عمل هيٺ آهن. اهو انهن کي به يقين ٿي ويو آهي ته هاڻ معافين تلافين سان ڪم نه هلندو. هو ڀلي معافي جا ڦرا هٿ ۾ کڻي گهمن پر ڪجهه به ورڻو ناهي. ائين لڳي ٿو، ڄڻ توبهه جا درواز بند ٿي ويا آهن. بائيبل ۾ آهي ته جڏهن End of time ايندو ته واضح لڪير ڇڪجي ويندي. هڪ طرف اهي، جن کي ڇوٽڪارو ڏنو ويندو ۽ ٻيا اهي هوندا، جيڪي گنهگار هوندا. جيڪي ڪنهن به صورت ۾ معافي جي لائق نه هوندا ۽ هميشه انهن کي خطرناڪ نانگ بلائون کائينديون.
پسمنظر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان لاءِ مقرر وقت ويجهو اچي ويو آهي. ائين چئجي ته فيصلي جو وقت اچي ويو آهي ته غلط نه ٿيندو. هينئر معاملو ففٽي ففٽي آهي، جيڪڏهن اسٽيٽس ڪو برقرار رهيو ته باقي معاملا به ائين ئي جاري رهندا، جيئن جاري ۽ ساري آهن، پر جيڪڏهن اسپيڊ بريڪر آيو ته پوءِ به ڳالهه ته ساڳي رهندي. پر ٿورو گهڻو فرق ضرور ايندو. تبديلي اچي ٿي يا نه، اها ٻه منهين تلوار آهي جيڪا گدري تي ڪري يا گدرو ان تي ڪري، ڳالهه ساڳي آهي. اهي جن انتهائي اهم پوزيشن تي ويٺل هڪ شخص کي ان ڪري هٽايو ته ان جون همدرديون ان وقت جي حڪمران جماعت سان نه هيون يا هو سياسي طور تي انهن جي ڪم جو نه هو. هن جي جاءِ تي جنهن شخص کي سامهون آندو ويو، ان جيڪي ڪلور ڪيا پنهنجي عهدي جو غلط استعمال ڪيو ۽ سياسي جوڙ توڙ ذريعي اهڙي شخص کي سامهون آندو، جنهن سموري سياسي ڪلچر کي گدلو ڪري ڇڏيو. هن جي “ايمانداري” جون ڪهاڻيون اهڙي حرفتي انداز ۾ گهڙيون ويون جو هاڻ جيڪي اسڪرپٽ رائيٽر هئا، انهن جو ڪنڌ به شرمساري وچان جهڪيل آهي.
هڪ طرف جنهن سياسي سيٽ اپ کي سامهون آندو ويو آهي، ان به مهانگائيءَ جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. هن ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به مهانگائيءَ جي رفتار 44 سيڪڙو نه رهي آهي پر هينئر اسان پنهنجن اکين سان ڏسي رهيا آهيون. اهو به چيو پيو وڃي ته “گاڊ فادر” ناخوش ۽ ناراض آهي. جنهن جارج آرول جو ناول Nineteen Eighty-fourپڙهيو آهي، ان ۾ ناول جو مک ڪردار Big Brother جو ڪردار پڙهيو هوندو. بگ باس جي نظر هر چرپر تي هوندي آهي، هي جملو به پڙهي سگهجي ٿو ته Big Brother is Watching you. هڪ جوڙي کي پيار جي جيڪا سزا ملندي آهي. ان مان اندازو ٿيندو آهي ته ان جي نظر هر شيءِ تي هوندي آهي. هينئر به “گاڊ فادر” جي هر معاملي ۽ چرپر تي نظر هجڻ باوجود جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان تي ناخوشي جو اظهار ڪرڻ جي باوجود معاملا بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي رهيا آهن.
اهڙي حالت ۾ جڏهن هر طرف تباهي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ عوامي ڀلائي جو ڪهڙو Narrative جنم وٺندو؟ جيڪڏهن معاملا جنهن انداز سان هلي رهيا آهن، هلندا رهيا ته صورتحال خطرناڪ موڙ تي به پهچي سگهي ٿي. پر اهي جيڪي پاڻ خطري جي لڪير ڀرسان آهن، اهي انهن ڌرين سان ڳالهائي رهيا آهن، جيڪي ڪڏهن به انهن جي Good book ۾ نه رهيا آهن. شايد هو سمجهن ٿا ته کين انهن ڌرين جو Insight ملي وڃي،جنهن جي کين ڳولا آهي. انهن جي زبان تي اها ڳالهه برملا اچي وڃي ته مڙني منٿن جي باوجود هڪ اهڙو حلقو آهي، جنهن طئي ڪري ڇڏيو آهي ته سياسي منظر تان هڪ شخص کي نااهل ڪرڻو آهي. هو هينئر به سمجهي ٿو ته هن جي ۽ نواز شريف جي ڪيس ۾ فرق آهي. هو هينئر به ڌمڪيون ڏئي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته هو ڪايا پلٽ ڪري سگهي ٿو. پر شايد ائين نه هجي. جيڪڏهن صورتحال No Return point تي پهچي وئي آهي ته يوٽرن وٺڻ گهرجي. هن کي پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو لهجو اهڙو اختيار ڪرڻ گهرجي، جنهن سان بهتريءَ جي اميد پيدا ٿئي. پر ائين به ڪونه پيو ٿئي. ان جو هڪڙو مطلب ته هيءَ به ورتو پيو وڃي ته مصبيت اڳيان بيٺل هجي، ان جي باوجود چئجي ته آ بيل مجهي مار، ته ڇا هي عقلمندي آهي؟
اهي ملڪ جتي، رياستون طاقتور ڌرين جي قبضي ۾ هونديون آهن، اتي سياسي ٽيڪٽس به الڳ هوندا آهن. اهو اسين ڏسي چڪا آهيون ته جڏهن طاقتور پاڻ ٻه ٽنگا ڦاٿا آهن ۽ انهن محفوظ رستو گهريو آهي. ان ڪري ته هنن سمجهي ورتو هوندو آهي ته هاڻ ان جي گنجائش ختم ٿي وئي آهي. محفوظ رستو وٺڻ واري حڪمت عملي ڪا خراب ناهي. ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر تياريءَ جو موقعو ملي ويندو آهي. پنهنجن تواناين کي سموهڻ ۽ گڏ ڪرڻ سان نئين سري سان ميدان ۾ اچي سگهجي ٿو. ان لاءِ گهڻي ڏاهپ ۽ عقل جي به ضرورت آهي. جيڪو رياض ۽ مراقبي کان واقف هوندو آهي. ان کي سمجهه ۾ ايندو آهي ته ميدان ۾ وڙهڻ جو وقت ڪهڙو هوندو آهي. بقول شاعر جي ته “رهه ڪه خاموش ذرا، ڌوم مچا دي جائي”.
جيڪي چون ٿا ته هي ملڪ، بنانا رياست ناهي، انهن سان ڪيئن اتفاق ڪجي؟ جتي عوامي سگهه کي ايترو ڪمزور ڪيو ويو هجي جو ان جو اظهار ڪرڻ مشڪل هجي. ان سان گڏ لڳاتار، اهڙا اپاءَ ورتا ويا هجن جو عوامي اقتدار اعليٰ نٻل ٿي ويو هجي، ته پوءِ ڇا ڪري سگهجي ٿو؟ دنيا جي انقلابين، جن دنيا کي جنجهوڙي ڇڏيو هجي، جن جي حڪمت عملين دنيا جي گولي کي نئون جنم ڏنو هجي، اسين انهن کي ڏسي چڪا آهيون. جنهن ملڪ ۾ ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ تي پابندي هجي. اهي ملڪ به سڌي رستي تي اچي ويا. هاڻ رڳو ڪجهه ڊائنوسار ضرور آهن، جيڪي بندوق جي طاقت تي يقين رکن ٿا. جنهن ملڪ ۾ سياسي ڏاهپ جو ڏڪار اچي وڃي، اتي ڪانڊيرا به درخت ٿيندا آهن. انهن سان به گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو آهي. پر هيءَ سياسي اڳواڻ جيڪي پاڻ کي قدآور سمجهن ٿا، انهن جو اعتماد يا طاقت جو سرچشمو عوامي طاقت نه هجي ته پوءِ انهن تي ڪيئن يقين ڪري سگهجي ٿو. اسان منٿون ٻڌندا ۽ ڏسندا رهيا آهيون ته هو پنهنجي غلطيءَ کي درست ڪن. کين سموريون مدايون معاف آهن. جيڪي پاڻ گيٽ فور جا گملا هئا، اهي جيڪڏهن انقلاب ۽ تبديليءَ جون ڳالهيون ڪن ته انهن تي حيرت ٿئي ٿي. جنهن قسم جو ماحول ۽ ايڪٽرز سرگرم آهن، اتي حڪمت عملي به اهڙي ئي جوڙڻ گهرجي.
جيڪڏهن ڪنهن جو عوام جي طاقت ۾ ايمان نه هجي ۽ اهو سمجهندو هجي ته جتان کين اڳ اقتدار جي ايوانن ۾ داخل ڪيو ويو، هاڻ ساڳي حڪمت عملي تحت کين هار پارائي سندن سوڀ جا اعلان ڪيا وڃن ته پوءِ اڳ ئي جيڪي قوتون انهن جي اکين جا تارا آهن، انهن کي هو ڇو عاق ڪن؟ اسان ڏسون پيا ته ڪٺ پتلين جو تماشو گهڻو عرصو جاري رکي نٿو سگهجي. اهو به واضح طور تي نظر اچي پيو ته ڪهڙن ماڻهن کي ايوانن ۾ آندو ويو، جيڪي اي ٽي ايمز جي نالي سان مشهور ٿيا. اهي ڪمپنيون ۽ شخصيتون، جن جا ڪاروباري مفاد هئا. انهن ڪيئن سياسي سيڙپ ڪئي؟ هو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي گهاٽن جو پاڻي پئيندا رهيا آهن. هو چورن توڙي ساڌن ٻنهي سان گڏ نظر آيا. اهي جيڪي عالمي مافيائون هيون، انهن کي پنهنجي ويجهو آندو ويو، اهڙي صورتحال ۾ آڱريون ته کڄڻيون هيون ۽ آخرڪار ڪاسميٽڪ قيادت کي گهر ڀيڙو ٿيڻو پيو. هينئر هو حيران ۽ پريشان آهن. انهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي انهن سان جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو ڇو ٿيو؟ هاڻ پاڻ چون ٿا ته جيڪڏهن انهن کي هٿ لاتو ويو ته سڀ ڪجهه جام ٿي ويندو. هو رياستي طاقت کي نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا. اهي قوتون جيڪي ماضي ۾ عام ماڻهوءَ جو پاڻي جيان رت وهائي چڪيون آهن ۽ کين عوام دشمنيءَ جا تمغا مليل آهن، انهن کان ڪنهن نيڪيءَ جي اميد ڪيئن ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن ائين چئجي ته جن جي قسمت جو فيصلو ٿي ويو آهي ۽ اهي جيڪي طاقتور جا ساٿاري آهن، انهن ۾ تمام ٿورو فرق آهي. هو سمجهن ٿا ته جيڪو بهتر ڊليور ڪري، ان کي دل جي ويجهو رکجي ۽ اهو ئي ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button