ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ هڪ، آفت ٻي ذلت

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ جيڪا تباهي ۽ بربادي آندي آهي انهيءَ کي انگن اکرن ۾ پيش ڪرڻ جي هن وقت ڪا به ضرورت ناهي جتي سنڌ جو وزير اعليٰ پنهنجي اظهار ۾ چوندو هجي ته هڪ ڪروڙ ماڻهو هن برساتي آفت ۾ متاثر ٿيا آهن ۽ هو دولتين کي مدد جي يا سهڪار جي اپيل ڪري ته انهيءَ کان پوءِ پاڻ به سرڪاري ادارن ۽ ميڊيا جا ڪهڙا انگ اکر ڏيون ها البته هن آفت کان پوءِ اهي انگ اکر ڏئي سگھجن ٿا ته برباديءَ کان ڪيترا گھر ۽ فرد بچيا آهن. پوري سنڌ مڪمل طور تي هڪ اهڙي بربادي جو منظر پئي پيش ڪري جنهن جي ڏسڻ کان پوءِ ساھه مٺ ۾ اچيو وڃي.
ڪهڙو روڊ آهي ڪنهن جي ڪنارن تي عوام پنهنجي خاندانن سان ويٺل نظر نٿو اچي هر روڊ جي پاسن کان ماڻهن جا بچيل جانور ۽ خاندان جا فرد ڦاٽل ٽٽل چادرون ۽ ڪجھه پلاسٽڪ يعني سنهي شيٽ ڪجھه لڪڙن ۾ اٽڪائي پنهنجي ڀڳل هنڌن سان ويٺل نظر اچن پيا. سرڪاري اسڪولن ۾ متاثر خاندان جيڪي هڪڙا ويهجي ويا آهن ته ٻيا پناھه ڳولهڻ لاءِ دربدر پيا ٿين. معصوم ٻارن کان عورتن تائين واهر ۽ مدد جي اپيل ڪندي ۽ ٻاڏائيندڙن جو هڪ اذيت ناڪ آواز هنيانءُ پيا ڏارين. ماڻهن جي گھرن جي بربادي هڪ طرف ته ٻئي طرف تازو پوکيل فصل يعني سنڌو جي پوري رائيٽ بينڪ جتي 90 سيڪڙو ساريالو فصل ٿيندو آهي ۽ ليفٽ بينڪ جتي ووئڻ، ڪيلو، انب، کارڪون، ڪمند ۽ ٻيو ٿيندڙ فصل تقريبن تباهھ ۽ برباد ٿي ويو آهي.
ڪراچيءَ کان سواءِ پوري سنڌ ۾ انڊسٽري نه هجڻ جي برابر آهي ٿوري گھڻي حيدرآباد يا نالي ماتر سکر کان سواءِ باقي پوري سنڌ جو معاشي ذريعو زراعت ئي آهي اها زرعي انڪم رڳو ٻهراڙي جو پيٽ ناهي پاليندي پر سنڌ جي معيشت جو به بنياد اها زراعت ئي آهي جڏهن ان لهندو ته ان جو پيسو مارڪيٽ جي اندر گردش ڪندو آهي هاڻي جڏهن زميني فصل تباھه ٿي ويا صنعتون ناهن ته پوءِ ماڻهن جو گذر سفر ڪيئن ٿيندو؟ اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اسان ايندڙ سياري جي مند جو فصل پوکڻ جو تصور ٿا ڪريون ته آبادگار يعني ننڍا آبادگار ۽ هاري ڪهڙي حال ۾ هوندا (پاڻ وڏن جاگيردارن جو ذڪر نٿا ڪريون ڇو ته انهن وٽ دولت ايتري ذخيرو ٿيل آهي جو اهڙيون چار آفتون به هنن کي ڪو لوڏو نٿيون ڏئي سگھن) پوري سنڌ مڪمل طور تي پنهنجي سماجي ۽ معاشي ڍانچي ۾ پروڻ ٿي چڪي آهي، ان پوري بربادي ۽ آفت جي عذابن ۾ انتظامي ۽ حڪومتي عمل ۽ منظر ڪهڙا آهن اهي ميڊيا جي ذريعي سان يعني پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي ڀرپور نظر پيا اچن.
ڪيمپن ۾ گھڻي ڀاڱي چونڊيل نمائندن يعني ايم پي اي ۽ ايم اين ايز انهن کي رهايو آهي جيڪي انهن جا مضبوط ۽ پڪا ووٽر آهن انهن ڪيمپن تي انچارج تقريبن بنگلن جا وفادار ۽ تعبيدار مقرر ٿيل آهن روينيو آفيسرس ڪمشنر ڊي سي کان مختيارڪار تائين سرڪاري فنڊن جو جنهن بي رحمي ۽ بهادري سان ڪرپشن ڪندي نظر پيا اچن انهيءَ لاءِ ڪجھه وڌيڪ چوڻ جي ضرورت ئي ناهي. سوشل ميڊيا تي اهڙيون شڪايتون ۽ ثبوتن سان ويڊيو اڻ کٽ پيون آهن جن ۾ ڪامورا رات جي اونداهين ۾ گاڏيون، ٽرڪون، ٽريڪٽر ۽ ڊاٽسنون اسٽاڪ ٿيل ۽ امدادي سامان ڀري ڪهڙي پاسي موڪلين پيا ۽ ڪنهن کي وڪرو پيا ڪن ڪو به کين چوڻ وارو ناهي. ڪيمپن روڊن ۽ رستن تي پوري هيلٿ ڊپارٽمينٽ جو ڪو ڪردار نظر نٿو اچي، ڪا گشتي ٽيم علاج ۽ فرسٽ ايڊ جي لاءِ ڪٿي به نظر نه ايندي، مڇرن ۽ مکين سبب بخار، مليريا ۽ ڊائريا جي علاج لاءِ ڪو سيرپ ۽ گوري به نٿي ڏني وڃي، بلڪه ڪجھه نظر ئي ڪو نه ٿو اچي. ڪيمپن تي نالي ماتر ڏيکاءَ خاطر ڪجھه هيلٿ ورڪر ويهاريا ويا آهن ۽ انهن کي ڪجھه سيرپ ۽ ٽيبليٽس ڏنيون ويون آهن جيڪي ماڻهن کي ڏيڻ جي بجاءِ صرف ڏيکاءَ جو مظاهرو پيا ڪن.
هر بنگلي جي اڳيان يعني چونڊيل نمائندن ۽ حڪمران پ پ پ جي پارٽي عهديدارن جي اڳيان سوين ماڻهن جو انبوھه دانهيندي ۽ ٻاڏائيندي نظر پيا اچن متاثرين کي جيڪا ماني ڏني ٿي وڃي انهيءَ مان هڪ گرھه هي سياسي ڀوتار ۽ ڪامورا کائڻ پسند نه ڪندا جي ڏيکاءَ لاءِ ۽ فوٽيجز ڪڍائڻ جي لاءِ وات ۾ گرهھ وجھندا ته ڳيت ڏيندي ۽ پري منهن ڪندي ڪراهت ۽ ڪرڀ جي ڪيفيت نظر ايندي.
2010 جي ٻوڏ کان پوءِ هي برساتي آفت وڌيڪ خوفناڪ ۽ خطرناڪ بڻجي چڪي آهي 2010 جي ٻوڏ ٽوڙي بند ٽٽڻ کان پوءِ سنڌوءَ رائيٽ بينڪ 30 کان 40 سيڪڙو متاثر ٿيو هو پر هاڻي ته پوري سنڌ ٻڏي به چڪي آهي ته لڙهي به چڪي آهي پ پ پ جيڪا گذريل 14 سالن کان اقتدار جي تسلسل سان هلندي نظر پئي اچي پاڻ انهن کان هي سوال ڪندي به پريشان ٿا ٿيون ته جڏهن ٻوڏ آئي ته درياهي بندن جي حالت خراب هئي پر 2010 کان پوءِ اربن روپين جي بجيٽ خرچ ڪرڻ جي باوجود هنڌان هنڌان ٽٽل ۽ ڪمزور آهن پوري سنڌ ۾ پاڻي جي نيڪال جو ذريعو صرف سم شاخون آهن جيڪي کاٻي ۽ ساڄي پاسي ڇوڙ ڪندي ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي ذريعي واڌو پاڻيءَ جو اخراج ڪنديون آهن پر جيڪڏهن پاڻ ڪنهن سم نالي جو منظر ڏسنداسين ته اهي سڀ جو سڀ گند ڪچري ٻوڙن پاڻي جي ولين سان ڀريل ۽ چوڪ ٿيل نظر ايندا حڪومت جا جيالا انجنيئر بنگلن جي من پسند اشارن تي ٺيڪا ڏئي نالي ماتر اسٽيويٽر سان کاٽي ڏيکاري پوءِ گھر ويٺي ۽ بنگلن تي ٺيڪن جا چيڪ وصول ڪندا آهن تنهن ڪري پاڻي جو نيڪال ڪٿي به نٿو پيو ٿئي ۽ اسان کي هي به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته پوري سنڌ جو پاڻي نيڪال نيچرل گريٽي سسٽم جي بجاءِ ڊسپوزبل پمپنگ جي ذريعي ٿيندو آهي ۽ ان نيڪالي سسٽم جي نه هجڻ جي ڪري پورو پاڻي بيهجي ٿو وڃي ۽ پوءِ انتظاميه ان پاڻي جي سڪڻ جو انتظار ڪندي وقت گذاريندي آهي ۽ جيستائين پاڻي سڪي ۽ زمينون ڳوٺ وائکا ٿين تيستائين ماڻهو دربدر ٿيندي ئي نظر ايندا.
شهرن ۾ غريب آباديون 80 سيڪڙو کان وڌيڪ پٽِ پئجي ويون آهن ڳتيل آبادي جو حشر اهو آهي ته پراڻين جاين کي ميونسپل ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وارن نه سروي ڪيو ۽ نه کين نوٽيس ڏنو هاڻي
اهي پراڻيون جايون مسلسل ڪرندي بربادي آڻي رهيون آهن شڪارپور جي ڪا هڪ گھٽي به ناهي جتي پراڻين جاين جي ڪرڻ ۽ ملبن جا ڍير نظر نه اچن شهر جي چوڌاري سرڪيولر روڊ جيڪو تقريبن ٽن ميلن تائين آهي ان روڊ تي چئن فٽن کان ڇھن فٽن تائين پاڻي بيٺل آهي ۽ ان سرڪيولر روڊ تي ٻيڙيون هلي رهيون آهن منتخب نمائندا ۽ ڪامورا ان ٻيڙين جي منظرن کي قائم رکڻ جي لاءِ انتظار ڪندا رهيا ته بلاول ڀٽو زرداري اچي ۽ اکين سان ڏسي ته شهر جي صورتحال ڪهڙي آهي ٻن هفتن کان چوطرف شهر جي بيٺل ان ڪاروباري روڊ سان 100 سيڪڙو دوڪان بند ۽ گھر پاڻي ۾ ٻڏل آهن ٻئي سنڌ جو حشر نشر به اهڙوئي آهي پر هتي صورتحال بد کان بري آهي هن وقت تائين پوري سنڌ ۾ برسات جي پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪو به سسٽم الڳ ٿلڳ ناهي ٺاهيو ويو، اهوئي مڏو جڏو سسٽم آهي جيڪو نالين جو يعني سيوريج جو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ آهي جيڪو پهريان نالين جو پاڻي به مشڪل سان ڪڍي سگھندو آهي اهو مسلسل برسات جو پاڻي ڪيئن ڪڍي سگھندو؟
ايمرجنسي ۾ ڪي به پمپنگ اسٽيشنيون ناهن ۽ نيڪال جا پمپ موٽر يا ڊيزل مشينون ناهن تنهن ڪري هي برسات جو پاڻي به سنڌ جي شهرن ۾ بيهي بيهي ڪجهھ زمين ۾ جذب ٿيندو ته ڪجهھ بخارن ۾ اڏامندو ڊٺل گھر ڪيئن ٺهندا غريب عوام جي پيڙا جو اهو وڏي کان وڏو سوال آهي هن وقت تائين هن پوري مصيبت واري ماحول ۾ حڪومت ۽ انتظاميه جي جيڪا ذميواري آهي اها اسان کي نڀائيندي ته نظر ائين پئي اچي جيئن شڪارين جي نظر شڪار تي هوندي آهي ۽ هو رڳو اهو انتظار پيا ڪن ته امدادن جي برسات ڪڏهن ٿي شروع ٿي ٿئي پوءِ هڪ ٻيو مدد جي نالي تي جيڪي ڪجھه ڏيندا انهيءَ ۾ عوام جا انبوھه عورتون ۽ مرد هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيندا لتاڙيندي 20، 25 هزارن جي مدد حاصل ڪرڻ جي لاءِ لٺيون کائيندا ۽ ٻه نمبرن جي جھانسي ۾ اچي اڌ رقم ڦرائيندا.
سنڌ ۾ تعليم جي بحالي يعني سرڪاري اسڪولن اوستائين ممڪن ناهي جيستائين متاثر انهن اسڪولن ۾ ويٺا آهن هن آفت ۾ گڏوگڏ هڪ ٻي پيڙا ۽ منظر ذلتن جا نظر اچي رهيا آهن جيڪي مدد وٺڻ جي لاءِ سرڪاري ڪامورن ۽ بنگلن جي اڳيان ٻاهرين رهيا آهن اهي دانهون ۽ ڪوڪون ۽ آھه زاريون ڪيتري عرصي تائين سنڌ جي ضمير کي لتاڙينديون ۽ نپوڙينديون رهنديون. انهيءَ جو وقت اهو ئي طئي ڪري سگھجي ٿو ته جيستائين عوام ۽ عوامي ٻڌي پنهنجي نجات جي لاءِ نه جڙندي ۽ سنڌ جي سياست عوامي طاقت سان نئون قدم نه کڻندي تيستائين ذلتن جو سلسلو وڌندي ئي نظر ايندو ۽ معمول کان ڪجھه وڌيل برساتون يا طوفان سنڌ جي لاءِ خوفناڪ آفتون ايئن بڻجي وينديون جيئن غريبن جي لاءِ مليريا ، ڊائريا جون وبائون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button