سنڌ ۾ هر پاسي تباهي جا منظر آهن، برساتي ٻوڏ ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، تباهي ايڏي وڏي آهي جو پاڻ حڪومت کي مڃڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته رياستي ادارا به ان جو اعتراف ڪري رهيا آهن تازو ئي موسميات کاتي به انگ اکر جاري ڪيا آهن. جنهن چيو آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ سال 6 ڏهاڪن جي سڀ کان وڌيڪ تباهي وارن چوماسي جي اسپيلز دوران 1961ع کانپو سڀ کان وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. رپورٽ مطابق معمول کان وڌيڪ برساتن جي اها شرح سنڌ ۾ 522 سيڪڙو وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. تازا انگ اکر موسميات کاتي طرفان جاري ڪيا ويا آهن جن اختيارين کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، ماحولياتي ماهر پڻ انهن انگن اکرن جي بنياد تي وارننگ جاري ڪري رهيا آهن جن انهن کي اختيارين لا نون چئلينجن جي شروعات قرار ڏئي رهيا آهن. موسميات کاتي جي هڪ عهديدار ٻڌايو ته “سنڌ ۾ جولا ۾ چوماسي جي مند شروع ٿيڻ کان هن مهل تائين 680 ملي ميٽر برسات ٿي چڪي آهي، اها معمول کان 522 سيڪڙو وڌيڪ آهي ڇو جو سراسري ۽ طئي ٿيل معيارن مطابق سنڌ ۾ عام طور تي چوماسي جي موسم ۾ 109 ڏهائي 5 ملي ميٽر برسات پوندي آهي.
اڃا برساتي ٻوڏ جون تباهڪاريون جاري آهن ته مٿان دريائي ٻوڏ جي به صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. موسميات کاتي جي ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪندڙ ڊويزن ڄاڻايو آهي ته سنڌو درياهه ۾ گڊو ۽ سکر وٽ ۽ ڪابل ندي ۾ نوشهره وٽ وڏي درجي جي ٻوڏ آهي.جمعي تائين جڏهن ته گڊو وٽ مٿيون وهڪرو 5 لک 7 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو به ساڳيو رپورٽ ٿيو. سکر وٽ مٿيون ۽ هيٺيون وهڪرو 5 لک 76 هزار 414 ڪيوسڪ آهي. اهڙي ريت ڪوٽڙي وٽ مٿيون ۽ هيٺيون وهڪرو 3 لک 15 هزار 274 ڪيوسڪ آهي. جڏهن ته ڪابل درياهه جو نوشهره وٽ وهڪرو هڪ لک 71 هزار 6 سئو ڪيوسڪ هو. جڏهن ته فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن موجب اتي ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ وهڪرا 3 لک ڪيوسڪ تائين رسي سگهن ٿا. ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ اها انتهائي وڏي ٻوڏ هوندي. ٻئي پاسي فلڊ ڊويزن وارننگ جاري ڪئي آهي ته سنڌو درياهه ۽ ڪابل ندي جي ڪيچمينٽ ۾ وڏن مينهن پوڻ جو امڪان آهي. ساڳئي وقت جهلم، چناب، راوي ۽ ستلج ندي جي ڪيچمينٽ ۾ ٿوري گهڻي برسات ٿي سگهي ٿي. ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪندڙ ڊويزن موجب بلوچستان جي ندين ۾ به ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران برساتن سبب فليش فلڊنگ جا امڪان وڌي ويا آهن.
وزيراعظم شهباز شريف سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ بعد بحالي لاءِ سنڌ حڪومت کي 15 ارب رُپين جي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته سنڌ لاءِ پندرنهن ارب رپين جي گرانٽ پنهنجي کيسي مان نه پيو ڏيان پر هي عوام جي ٽئڪس جو پئسو آهي. هن چيو ته هن وقت امدادي ۽ رليف جو ڪم آهي، بحالي وارا ڪم بعد ۾ ٿي ويندا. هن چيو ته ٻوڏ وهڪرن هر پاسي تباهي مچائي ڇڏي آهي، سڄي سنڌ پاڻي ئي پاڻي آهي، نوَ سئو کان وڌيڪ انسان اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. سنڌ حڪومت گرانٽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ استعمال ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته صوبن سان گڏجي ڪري ٻوڏ سٽيلن جي مدد ڪري رهيا آهيون. متاثرن جي امداد بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته 28 ارب رُپيا بي آءِ ايس پي کي ڏنا آهن، اڄ کان سنڌ ۾ ورهاست شروع ٿي ويندي.
هاڻ جڏهن حڪمران پاڻ سنڌ ۾ آيل ايڏي وڏي تباهي جا اعتراف ڪري رهيا آهن ته هنن کي متاثرن جي بحالي لا به سوچڻ گهرجي. سڀ کان پهرين ته انهن جي امداد جو به سوال آهي، ڪيترائي متاثر ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، انهن کي اڃا تائين ريسڪيو ناهي ڪيو ويو. انهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، خوراڪ ۽ دوائن جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، گڏوگڏ متاثرن جي بحالي لا هاڻي کان ئي رٿابندي شروع ڪئي وڃي.