پاڪستانسنڌ

خانپورمهر ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

خانپورمهر: خانپورمهر ويجهو سهانجڙو بوزدار واري علائقي جي ڳوٺ جمال بوزدار ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ ڪري خانزادو عرف بچو بوزدار قتل ٿي ويو. جڏهن ته 10 ورهين جو صوبدار بوزدار زخمي ٿي پيو. اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي ۽ مارجي ويل جو لاش خانپورمهر جي شيخ همدان بن محمد اسپتال کڻائي آئي. جتي مقتول جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار نظير، شاهل، جاويد ۽ مصطفيٰ بوزدار سميت 5 جوابدارن خانزادو عرف بچو بوزدار کي قتل ڪيو آهي، هنن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ۾ 3 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. پوليس موجب ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي. هوڏانهن مارجي ويل جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائین واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button