پاڪستانخيبرپختونخوا

خيبرپختونخوا ۾ صورتحال بدتر، ڪابل درياءِ جا حفاظتي بند ٽٽي پيا، هزارين ماڻهن جي لڏپلاڻ

پشاور: شديد برساتن سبب خيبرپختونخوا جي دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي جڏهن ته نوشهرا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي گهرن ۽ ٻنين ۾داخل ٿي ويو آهي، ڪابل درياء ۾ نوشهرا وٽ حفاظتي بند ٽٽڻ سبب وڏي ٻوڏ اچي وئي، جنهن ڪري ماڻهن هنگامي بنيادن تي گهر خالي ڪري ڇڏيا ۽ لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي. ڊي سي نوشهرا مطابق ٻوڏ جو پاڻي پبي، محب بانڊا ۾ ٻنين ۽ گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي جڏهن ته بانڊا شيخ اسماعيل، گهڙي مومن ۽ جواد دائودزئي جي علائقن ۾ به ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ٻوڏ جي صورتحال سبب علائقن کي اڳ ئي خالي ڪرايو ويو هو جنهن ڪري صورتحال بهتر آهي، هن مهل تائين 30 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، ڪجهه متاثر ڪئمپن ۾ آيا جڏهن ته ڪجهه متاثر مائٽن وٽ ترسيا آهن. هن ٻڌايو ته متاثر تعلقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، 100 امدادي ڪئمپون به قائم ڪيون ويون آهن، هر تعلقي ۾ 30 کان 35 ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. اطلاعن مطابق نوشهرا جي علائقي خويشگي پايان ۾ ڪابل ندي جا حفاظتي بند ٽٽڻ سبب پاڻي ڀر وارن گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن ڪري خويشگي پايان جا رهواسي گهر ڇڏي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي ويا آهن. ديامر ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات ۽ ٻوڏ جو پاڻي رستن ۽ ٻنين ۾ بيهڻ سبب گهرن ۽ فصلن کي نقصان پهتو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ديامر جو چوڻ آهي ته برساتن سبب لينڊسلائيڊنگ سبب شاهراهه قراقرم ڪيترن ئي هنڌن تي بند ڪئي وئي آهي جڏهن ته تانگير ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان اماڻيو ويو آهي. تعلقي چيئرمين ضياءالرحمان جو چوڻ آهي ته دير بالا جي سياحتي هنڌ تي به ٻوڏ جي صورتحال آهي ۽ ڪمراٽ جو ضلعي جي ٻين علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، سموريون پلون درياء ۾ لڙهي ويون آهن. هن چيو ته شديد برسات سبب 30 کان وڌيڪ سياح جابلو علائقي ۾ ڦاٿل آهن. هڪ عورت سياح ٻڌايو ته 30 ماڻهو گذريل ڏينهن کان جابلو علائقي ۾ ڦاٿل آهن، پل لڙهي وڃڻ سبب درياء پار نٿا ڪري سگهون، اسان کي خبر ناهي ته اسان جو ڇا ٿيندو. هوڏانهن چارسدا ڀرسان منڊا هيڊ ورڪس ٻوڏ جي وهڪري سبب ٻن حصن ۾ ٽٽي پيو ۽ ٻوڏ جو وهڪرو نوشهرا ۽ چارسدا جي رهائشي علائقن ۾ داخل ٿي ويو. ڳوٺن ۾ ماڻهو گهرن جي ڇتين تي پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا. فلاحي ادارن ۽ ريسڪيو 1122 جي ٽيمن سوين ڦاٿل ماڻهن کي ٻيڙين وسيلي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو. هوڏانهن خيبرپختونخوا جي حڪومت وفاقي حڪومت کي ٻوڏ متاثرن جي مدد جي اپيل ڪئي آهي. خيبرپختونخوا حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي، خيبرپختونخوا حڪومت جي به مدد ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button