رانديون

سنڌ بليوز انڊر 19 چيمپيئن شپ کٽي ورتي، وائيٽس کي شڪست

قومي انڊر 19 چيمپيئن شپ جو فائنل سنڌ بليوز جي ٽيم کٽي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ کيڏيل چئن ڏينهن واري ايونٽ ۾ سنڌ بليوز 288 رنسن تان ڪاميابي ماڻي آهي. جڏهن تھ سنڌ بليوز پهرين اننگز ۾ 363 ۽ ٻي اننگز ۾ 278 رنسو ٺاهيون. جڏهن تھ سنڌ وائيٽس جي ٽيم پهرين اننگز ۾  136 ۽ ٻي اننگز ۾ 217 ٺاهي سگهي آهي. ايونٽ ۾ سنڌ بليوز جو بيٽر وهاج رياض 116 ۽ 72 رنسن جي اننگز کيڏڻ تي ايوارڊ آف دي فائنل حاصل ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button