رانديون

ڪيمرون گرين جا 5 شڪار، آسٽريليا هٿان زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان شڪست

آسٽريليا جي ڪيمرون گرين 5 وڪيٽون وٺي ۽ بيٽر ڊيوڊ وارنر ففٽي هڻي ٽيم کي زمبابوي خلاف پهرين ون ڊي ميچ 5 وڪيٽن تان کٽرائي ورتي آهي. ميڊيا مطابق زمبابوي جي ٽيم 48 اوور ۾ 200 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾  ويسلي مڌويري 72 رنس سان نمايان رهيو، ٽيڊي ونشي مريوماني 45 ۽ ريگس چڪابووا 31 رنسون ٺاهيون ۽ سندن 6 بيٽر ڊبل فگر ۾ بھ نھ اچي سگهيا. جڏهن تھ آسٽريليا جي ٽيم 5 وڪيٽن تي 34 اوور ۾ 201 رنسون ٺاهي هدف حاصل ڪري ورتو. آسٽريلوي بيٽرن مان ڊيوڊ وارنر 57 اسٽيو سمٿ 48 رنسن سان نمايان رهيا ۽ ڪپتان ايرون فنچ 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ميچ ۾ بالرن ۾ آسٽريليا جي ايڊم زمپا ۽ زمبابوي جي ريان برل 3، 3 وڪيٽون وٺي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button