پاڪستان جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرياڻين جي ايشيا ڪپ جي ڏس ۾ ٽريننگ شروع ڪرائي وئي آهي. ميڊيا مطابق لاهور جي نيشنل هائي پرفارمنس سينٽر ۾ ڪپتان بسما معروف ۽ ٻين رانديگرن ٽريننگ ۾ حصو ورتو. جڏهن تھ رانديگرياڻين کي ڪوچز فيلڊنگ، بالنگ ۽ بيٽنگ بابت ليڪچر ڏئي سمجهاڻي ڏني. هوڏانهن ڊوڙ جا مقابلا ڪرائي رانديگرياڻين جي فٽنيس کي جاچيو ويو، ڪوچز ٽريننگ دوران رانديگرياڻين جي محنت جي ساراهه ڪئي آهي.





