رانديون

سرينا وليمز آخري يو ايس اوپن ۾ پهرين ميچ کٽي ورتي

آمريڪا سان تعلق رکندڙ دنيا جي نمبر ون ٽينس اسٽار سرينا وليمز آخري يو ايس اوپن ۾ پهرين ميچ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق سرينا وليمز ڪيريئر جي آخري ٽورنامينٽ دوران پاڻ کي ٻيهر مڃايو آهي. هن پهرين ميچ ۾ مخالف رانديگرياڻي مونٽيگرين جي ڊانڪا ڪووينيچ کي شڪست ڏني آهي. ياد رهي تھ دنيا جي وڏي ٽينس ايونٽ ۾ سرينا ڪيريئر جي آخري ٽورنامينٽ کيڏي رهي آهي. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي سرينا وليمز جو چوڻ هو تھ رٽائرمينٽ وٺڻ بعد بھ ٽينس سان تعلق کي جاري رکنديس، ڇوتھ راندين سان عشق ڪيان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button