شوبز

جمائما فلم جي خاص شو جي ڪمائي ٻوڏ متاثرن کي ڏيندي

پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي زال جمائما گولڊ سمٿ برطانوي فلم ميڪر طور پنهنجي فلم واٽس لو گاٽ ٽو ڊو ود اٽ جي خاص شو جي ڪمائي پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مدد تي وقف ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق جمائما گولڊ سمٿ جي فلم جو خاص شو ڏسڻ خاطر رڳو 20 ماڻهن کي گهرايو ويو آهي. جڏهن تھ لنڊن ۾ رٿيل اسڪريننگ جي تقريب ۾ فاطما ڀٽو جمائما سان گڏجي ميزباني ڪندي. جمائما گولڊ سمٿ جو چوڻ آهي تھ فلم جي رليز کان اڳ خاص شو جو مقصد پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مالي مدد ڪرڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button