سنڌ

جيڪب آباد برسات تباهي مچائي ڇڏي، ضلعي ۾ 7 لک 18 هزار ماڻهو متاثر

جيڪب آباد ۾ برساتن سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 7 لک 18 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، 57 هزار عورتون ۽ ٻار ڪئمپن ۾ ترسيل آهن، جڏهن ته کاڌ خوراڪ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ هجڻ ڪري متاثرن ۾ مرض پکڙجڻ لڳا. جيڪب آباد ضلعي ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب ضلعي ۾ عورتون ۽ ٻار سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. سماجي تنظيم سي ڊي ايف پاران مليل انگ اکرن موجب ضلعي ۾ هن وقت 70 سيڪڙو عورتون متاثر ٿيون، جڏهن ته 73 سيڪڙو ٻار برسات کان متاثر ٿيا آهن، جنهن ۾ 3 لک 46 هزار عورتون ۽ 3 لک 71 هزار ٻار شامل آهن. جڏهن ته 22 هزار 300 عورتون ۽ 34 هزار 700 ٻارن مختلف ڪئمپن ۾ پناهه ورتي. طبي ماهرن 7 لک کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻارڙا برساتن ۽ ٻوڏ سبب وبائي مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، جن لاءِ دوائن جي سخت ضرورت پوندي ڇو ته اهي متاثر ٿي سگهن ٿا، ان ڪري برساتن جي پاڻي سان ٿيندڙ بيمارين گيسٽرو، الرجي، بخار، چمڙي جا مختلف مرض، پيٽ جا مرض، مليريا جهڙي بيمارين جو شڪار ٿي سگهن ٿا. انهي لاءِ متاثر علائقن ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن هڪ وڏو انساني جاني نقصان کان بچي سگهجي. سماجي تنظيم جي ليزا خان چيو ته هن وقت متاثر عورتون ۽ ٻارڙا سخت اذيتن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ٻار ۽ عورتون غذائي کوٽ، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جي کوٽ سبب مختلف موذي مرضن ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڪئمپن ۾ عورتن لا واشروم جو وڏو مسئلو آهي، عورتون رات جو دير تائين رفع حاجت ڪرڻ لاءِ انتظار ڪنديون آهن ته جيئن اوندهه ٿئي ته اهي پنهنجو رفع حاجت مڪمل ڪن، جڏهن ته صاف پاڻي نه هجڻ سبب گندي پاڻي سان وضو ڪرڻ سان عورتون ڪيترن بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويون آهن. سماجي اڳواڻ چيو ته عورتون گهٽ کاڌو ۽ پاڻي پيئن ٿيون سڄو ڏينهن رفع حاجت جي مسئلي کان بچڻ لاءِ ته جيئن انهن کي اهڙو مسئلو نه ٿئي، جنهن سبب هو ڪمزور ٿي رهيون آهن. هن چيو ته حڪومت ڪئمپن ۾ عورتن ۽ ٻارن لاءِ واش رومز جو بندوبست ڪري ۽ متاثرن جي گهرن ڏانهن جلد واپسي کي يقيني بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button