سنڌ

قبو سعيد خان ۾ ٽينٽ ۽ راشن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

قبوسعيد خان ۾ ٽينٽ، راشن نه ملڻ خلاف متاثرن ڊاڪٽر مظھر پنھور جي اڳواڻي ۾ شھيد بينظير چوڪ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي متاثرن لياقت جمالي، ڊاڪٽر مظھر پنھور، گنج بخش مگسي، مرتضى کوسو، لطف علي مگسي، منور مگسي سميت ٻين چيو ته بلوچستان جي علائقن مان آيل برساتي پاڻي ڪري سندن گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن. ھنن چيو ته برساتي پاڻي گھرن ۾ داخل ٿيڻ وقت پنھنجا ٻچا ڪڍي گوادر موٽر وي روڊ تي کليل آسمان ھيٺان ويٺل آھيون، جڏهن ته پنج ڏينھن گذرڻ باوجود ضلعي انتظاميا نه ئي چونڍيل نمائندن ڪا سار لڌي آهي. ھنن چيو ته ٽينٽ ۽ راشن نه ملڻ ڪري ٻچا بک تي نٽھڻ اس ۾ کليل آسمان هيٺان ويٺل آهن. هنن سنڌ سرڪار توڙي وسوارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي سار لهي فوري طور تي واهر ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ٻچا بک وگهي مري ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button