سنڌ

سم شاخن جي گهارن تباهي مچائي ڇڏي، سجاول جوڻيجو تعلقو ٻڏي ويو

جيڪب آباد ۽ شڪاپور ضلعن مان سم نالن ذريعي ايندڙ ٻوڏ جي پاڻي سجاول جوڻيجو تعلقي کي ٻوڙي ڇڏيو. سجاول جوڻيجو تعلقي اندر سم شاخن کي لڳل گھارن جي پاڻي تباھي مچائي ڇڏي، تعلقي جا 90 سيڪڙو شھر توڙي ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا. جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن مان وڏي مقدار ۾ تيزي سان ايندڙ پاڻي مين ڊرين حيدر چانڊيو، مين ڊرين طيب ۽ مين ڊرين ذڪريا ذريعي سجاول جوڻيجو تعلقي جي حدن ۾ داخل ٿي پاڻي مين ڊرينين سميت روڊن مٿان اوور ٽاپ ٿي ھلڻ لڳو. جڏهن ته سم شاخن کي ھرطرف کان ھنڌان ھنڌان سوين فوٽ گھارا لڳڻ سبب شھر توڙي ڳوٺن سجاول جوڻيجو شھر عرضي ڀٽو شھر جي اڌ آبادي ۽ بخشو ساريو شھر، سلطان ڀنگر، احمد خان ساريو، حيدر ڏيٿو، بھادر ڀنڊ، محمد آچر ڏاوڇ، ھارون بوزدار، تيرنھن پور ڀٽو، صادق جوڻيجو، مجھد جوڻيجو، گل ڪلھوڙو، رحيم داد جي وانڍ، چانگو ديناري، چڪ چانڊيو، حيدر چانڊيو سميت ٻين شھرن ۽ ڳوٺن جي وڏي آبادي کي مڪمل ٻوڙي ڇڏيو. بااثر علائقي واسين مختلف روڊن کي ڪٽ پڻ ڏنا آهن پر انتظاميا ڪٿي به نظر نه پئي اچي، پاڻي ميروخان تعلقي جي حدن ۾ داخل ٿي ڪيترن ئي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو، جيڪو سموري قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي وڏي آبادي کي ٻوڙي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿو. رھواسين آبپاشي اسڪارپ ڊرينيج ڊويزن لاڙڪاڻو ۽ شڪاپور جي عملدارن سميت انتظامي عملدارن توڙي چونڊيل نمائندن کي بار بار اطلاع ڏيڻ دانهڻ باوجود آبپاشي ۽ انتظاميا جا علمدار گم آهن، ڪٿي به گھارا بند ڪرائڻ نه پھتا. ھوڏانھن متاثر شھرن توڙي ڳوٺن جي رھواسين جا گھر، مال، سامان ۽ فصل ٻڏي تباهه ٿي ويا آهن، جانيون بچائي ٻاھر روڊن تي کليل آسمان ھيٺان نڪري بي يارو مددگار ويٺل آهن. انتظاميا سندن ڪنهن قسم جي ڪا واھر نه ڪئي. متاثرن جو ساهه مٺ ۾ آهي، سندن جون زندگيون خطري ھيٺ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button