سنڌ

ڳڙهي حسن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لا ڏنل ڪٽ بند نه ٿيا،زميني رابطا ختم

ڳڙهي حسن ۽ آسپاس شهرن مان برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڏنل گهارا بند نه ٿي سگهيا. هٿرادو ڏنل گهارا 40 فوٽ مان وڌي 90 فوٽ جا ٿي ويا. مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جا ٺل-جيڪب آباد سان زميني رابطا ڪٽجي ويا. خبر موجب بلوچستان ۽ تنگواڻي کان ايندڙ برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ سرفراز لاڙو مرهيٽا موڙ ۽ مانجهيپور روڊ کي لڳل گهارا بند نه ٿي سگهيا. گهارا وڌي 90 فوٽ تائين ٿي ويا. سوين ڳوٺن سميت بلوچستان ۽ مختلف شهرن باهوکوسو، مانجهي پور، عاشق آباد ۽ ٻين ڳوٺن جو زميني رابطو ٺل ۽ جيڪب آباد شهرن کان ڪٽجي ويو، جنهن ڪري رهواسي سخت پريشان آهن. هوڏانهن رهواسين ساماڻو گنڃو، جواد کوسو، پيل سرڪي، اڪبر مائري ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته اسان سخت تڪليفن ۾ آهيون، چوڌاري پاڻي گهيروڪري ڇڏيو آهي، انتظاميا ڪا سهڪار نه ٿي ڪري. هنن چيو ته گهارا بند ڪرائي روڊ رستا بحال ڪرائي پريشانين کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button