سنڌ

قمبر جي رستن ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ ٻوڏ متاثر بکن ۾ پاهه

قمبر جي مختلف رستن توڙي سرڪاري اسڪولن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن کي بنيادي سهولتون نه هئڻ ڪري دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ ڪيترائي روڊن تي کليل آسمان هيٺان پردا ٽنگي ويٺل آهن، جڏهن ته خيما راشن ۽ کاڌ خوراڪ نه ملڻ جون شڪايتون وڌي ويون. شهر جي پلي گرائونڊ ۽ ٿاڻي ۾ چيلھه جيڏو پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته علي خان پاڙي جي مين روڊ تي برسات کان وٺي پاڻي بيٺل هجڻ ڪري اچ وڃ جو رستو بند ٿي ويو آهي. ميونسپل ڪاميٽي پاران ڪيترن هنڌن تي مشينون ۽ تيل نه ڏيڻ جون شڪايتون عام ٿي ويون، ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن عملي جي کوٽ ڄاڻائي پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪروڙين رپيا مهيني جي بجيٽ هجڻ باوجود شهر جي ڪيترن روڊن، رستن ۽ گهرن ۾ پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري عام زندگي مفلوج بڻيل آهي. شهرين اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي جلد شهر مان گندو پاڻي ۽ گندگي صاف ڪرائي بهتر زندگي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button