سنڌ

لاڙڪاڻي مان هفتو اڳ گم ٿيل نينگر جو پتو نه پيو،وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي فيصل ڪالوني جي رهواسين هفتو اڳ گم ٿيل 12 ورهين جي نينگر جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت غلام مصطفيٰ چاچڙ پنهنجي ڀاءُ ولي عباس، ڀائيٽن مجاهد، آصف ۽ ماروٽ ڪاشف چاچڙ سان گڏجي دانهيو ته گذريل جمعي ڏينهن منهنجو پٽ غلام علي چاچڙ هلندڙ برساتن دوران پاڙي جي ٻارڙن سان گڏجي راند کيڏڻ لاءِ گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو، جنهن کي پاڙي سميت مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سان گڏ وليد ٿاڻي جي پوليس کي شڪايت ڪئي پر 7 ڏينهن گذرڻ باوجود پٽ جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت پريشان آهيون ۽ پٽ جي جدائي ۾ منهنجي گهرواري کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن پر پوليس به هن وقت تائين پٽ جو پتو نه لڳائي سگهي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button