رانديون

سرينا ۽ وينس وليمز يو ايس اوپن جي ويمنز ڊبلز مان نڪري ويون

آمريڪا جي ٽينس اسٽار ڀينرن سرينا وليمز ۽ وينس وليمز جو يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ سفر پڄاڻي تي پهچي ويو آهي. ميڊيا مطابق سرينا وليمز ۽ سندس ڀيڻ وينس وليمز ويمنز ڊبلز جي پهرين مرحلي ۾ ئي مخالف رانديگرياڻين جمهوريا چيڪ جي ليوسي هارڊيڪا ۽ لنڊا ليسڪووف هٿان شڪست کاڌي آهي، جنهن بعد اهي يو ايس اوپن ٽورنامينٽ جي ويمنز ڊبلز مان نڪري ويون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو تھ هن مقابلي مان ائين لڳو تھ ٻئي ڀينرون آخري ڀيرو عالمي ايونٽ ۾ گڏ کيڏيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button