رانديون

سدرن پنجاب 86 رنسن تان سينٽرل پنجاب کي شڪست ڏئي ڇڏي

نيشنل ٽي 20 ڪپ جي اهم ميچ ۾ سدرن پنجاب جي ٽيم 86 رنسن تان سينٽرل پنجاب جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق راوالپنڊي جي ميدان تي جاري مقابلن دوران ايونٽ جي ميچ ۾ سدرن پنجاب جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 165 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ زين عباس 65 ۽ شرون سراج 35 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ سينٽرل پنجاب جي ٽيم 79 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. سدرن پنجاب جي سلمان علي آغا 5 وڪيٽن سان پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button