ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ ۽ فيس بوڪ فرينڊس

Editorial-Article-Ishaq Mangrio

ڪو زمانو هو جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پي ٽي وي ۽ پرنٽ ميڊيا جون اخبارون ئي ميڊيا جون اکيويون ۽ ڪن هوندا هئا. هر اخبار جي وري پنهنجي پنهنجي پاليسي هئي. پي ٽي ويءَ ۾ حڪومت ۽ حڪومتي ڪارگزارين کان سواءِ جون ٻيون خبرون ئي نه هونديون هيون. ان ڪري ڪنٽرول ميڊيا ذريعي جيڪا سوچ حڪمران طبقو لاهيندو هو يا مڙهيندو هو، اها ماڻهن جي ذهن تي ڇانيل هوندي هئي. پوءِ نجي سيٽلائيٽ چينل آيا ۽ پوءِ وري سوشل ميڊيا اچي وئي. نجي ٽي وي چينل تي اٺن ڪلاڪن جي نشريات هلي ٿي، جيڪا 24 ڪلاڪن ۾ ٽي ڀيرا رپيٽ ٿئي ٿي. جنهن جي ڪري وچ اوڀر، ڏور اوڀر، يورپ، آمريڪا، ڪئنيڊا وغيره وارن ملڪن ۾ رهندڙ پنهنجي پنهنجي ٽائيم موجب به اهي پروگرام ڏسن ٿا. پر پوءِ جڏهن سوشل ميڊيا مارڪيٽ ۾ اچي وئي ته گهڻا ٽي وي چينل پنهنجا ڪيترائي مشهور پروگرام يوٽيوب تي جاري ڪن ٿا. ان ڪري ملڪي ۽ غير ملڪي پنهنجي پنهنجي شيڊيول موجب پنهنجي پسند جو پروگرام ٽي وي بدران يو ٽيوب تي ئي ڏسن ٿا. ساڳي ريت فيس بوڪ، واٽس ايپ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام وغيره تي هر صارفين پنهنجي پنهنجي مرضيءَ وارو ڪمينٽس ۽ اسٽيٽيس رکي سگهي ٿو ۽ رکي پيو. اهڙي صورتحال کان پوءِ ٿاپيو ويندڙ حڪومتي موقف کان سواءِ ٻيو عوامي رخ وارو موقف به سامهون اچڻ لڳو. ان کي رڳو عوامي رخ وارو موقف چئجي يا اڃان ڪو ٻيو ان موقف جو نالو به ٿي سگهي ٿو. مطلب ته گهڻ پاسائون تيز طوفان ۾ هرڪو ڊوڙندو ڀڄندو ڪجهه نه ڪجهه اڇليندو ڀڄندو رهي ٿو. جيڪڏهن ڪا غلط ڳالهه ڪنهن ڪمينٽس يا اسٽيٽس ۾ ڪيل هوندي آهي، ان جي به ڪنهن ندامت کان سواءِ اڃان اڳتي وڌيڪ تيز ڊوڙ ۾ شامل هوندو آهي.
مثال طور منهنجي ڪجهه فيس بوڪ فرينڊس جو اهو اسٽيٽس فيس بوڪ تي لکيل مليو ته هاڻ ڳڻتي نه ڪريو، برساتي سسٽم ٽٽي ويو آهي. راجستان پار ڪري سنڌ جي حدن مان نڪري ويو آهي. ڪا به خطري واري ڳالهه نه آهي. مطلب ته وهاڻو سيراندي ڏئي بنا کٽڪي سمهي رهو. پر سڀني کي خبر هوندي ته ان اسٽيٽس لکيو وڃڻ واري رات ۽ ڏينهن هن پوري ڏيڍ مهيني واري برساتي سسٽم جو سڀ کان وڌيڪ مينهن وٺو. پر مون کي حيرت آهي ته ڪنهن به منهنجي اهڙن فيس بوڪ فرينڊس پنهنجي انهيءَ غلطيءَ تي ندامت جو اظهار نه ڪيو ۽ پنهنجي فرينڊس سان معذرت به نه ڪئي.
هن وقت سنڌ وڏي ٻوڏ مان گذري رهي آهي. درياءَ جي ساڄي ۽ کاٻي وارا پاسا لڏپلاڻ مان گذري رهيا آهن. سڀ کان وڏي لڏپلاڻ درياءَ جي ساڄي پاسي جابلو پاڻي ۽ بلوچستان جي نئين جي ايندڙ پاڻيءَ پيدا ڪئي آهي. جنهن جي ڪري ڪي اين شاهه ٻڏي ويو آهي. ميهڙ ۽ جواهيءَ جي رهواسين کي رات جو ايمرجنسيءَ ۾ گهر خالي ڪري وڃڻ لاءِ چيو ويو آهي. ٻنهي شهرن جا ماڻهو رنگ بندن تي مٽي چاڙهڻ ۾ مصروف آهن. ظاهر آهي ته حڪومت جي امڪاني انتظامن ۾ اها لڏپلاڻ اڳواٽ موجود هوندي. ان جي باوجود انهن شهرن ۽ ڳوٺاڻن کي لڏپلاڻ لاءِ نه سفر جي سهولت ۽ نه اهو ٻڌايو ويو آهي ته کين ڪٿي رهايو ويندو. رهڻ لاءِ عارضي ضرورتن جو پڻ ڪنهن به قسم جو انتظام نه ڪيو ويو. اڳ ۾ رڳو سم نالا ٻوڏ جو سبب بڻيل هئا، هاڻ وري بند پيل نهري ڪئنال ۽ شاخون پڇڙي ۾ ٻوڏ جو سبب ٿي رهيا آهن. هر علائقي جي ماڻهن مشينن جي مدد سان ڳوٺن ۽ زرعي زمينن جو پاڻي نهري ڪئنالن ۾ نيڪال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ان ڪري روهڙي ڪئنال، نصير ڪئنال، نارا ڪئنال ۽ جمڙائو ڪئنال، رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال جي پڇڙيءَ جا ماڻهو ۽ سندن ڳوٺ انهن جي زد ۾ آيل آهن. آبپاشي کاتي جا عملدارن ۾ ڪٿي به اهڙي همٿ نه آهي ته اهي ڪنهن کي به واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ کان روڪي سگهن.
قاضي احمد جي اهڙي شاخ تي نڪرندڙ پاڻي روڪڻ جي نتيجي ۾ اسٽنٽ ڪمشنر جو باڊي گارڊ قتل ٿي چڪو آهي. ان کان اڳ ۾ برساتي سسٽم واري ٻوڏ جا متاثر روڊن رستن، بندن ۽ امدادي ڪئمپن ۾ پناهه وٺي ويٺل آهن. روڊن ۽ بندن تي ويٺلن کان وٺي امدادي ڪئمپن ۾ رهيلن جا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. متاثرن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان واڌارو اچڻ لڳو آهي. ڪو زمانو هو جو سنڌ ۾ پهرين ڪاٽن فيڪٽري جهڏي ۾ ٺهي هئي. سکر بئراج جي نتيجي ۾ جهڏي کي وڏي اهميت حاصل هئي. هتي ان جو وڏو گدام هو. ان ڪري عوامي نالو جهڏو گدام سڏبو هو. هن شهر وٽان سکر بئراج جي نهري سسٽم جا ٽي وڏا ڪئنال، جمڙائو، مٺڙائو ۽ روهڙي ڪئنال جون پڇڙيون هتي ٿين ٿيون. زرعي طور تي چيٽ يا ڪتيءَ جي هر فصل جي سنڌ ۾ آڳاٽي مند جي شروعات جهڏي مان ٿيندي هئا. ويجهڙائي وارن سالن ۾ نهري ڪئنالن جي پڇڙي تائين پاڻيءَ جي پهچ نه هجڻ سبب جهڏو پنهنجو اوج وڃائڻ شروع ڪيو. پر هن شهر جي تباهيءَ جي شروعات ايل بي او ڊي جي اسپائنل ڊرين جي نالي ٺهڻ کان پوءِ ٿي آهي. هن شهر وٽان گذرندڙ هاڪڙو ڍورو، پراڻ ڍورو، ايم ايم ڊي (ميرپور خاص مين ڊرين) ۽ ايل بي او ڊي گذرن ٿا. ايل بي او ڊي جي سم نالن ٺهڻ کان پوءِ هن شهر جي وچ مان گذرندڙ پراڻ ڍوري جو وهڪرو بند ڪيو ويو. ان ڪري پراڻ جو ڇوڙ رڪجي وڃڻ سبب انهن ڍورن ۾ ايندڙ پاڻي هن علائقي لاءِ هر برساتن ۾ وڏي تباهيءَ جو سبب بڻبو رهيو آهي. زرعي طور ميرپورخاص جو شاهوڪار علائقو سڏيو ويندڙ جهڏي جو هاڻ انهن سم نالن جي ٺهڻ کان پوءِ تباهيءَ وارو اهو نئون تعارف سامهون آهيو آهي.
سوشل ميڊيا ۽ ٻوڏ ۾:
ٻوڏ ۾ سوشل ميديا ۾ جتي مير منور ٽالپر جا ٻوڏ متاثرن کي 50، 50 رپيا جو امداد ڏيڻ کان وٺي منظور وساڻ جو ٻڏل سنڌ کي وينس سان ڀيٽڻ وائرل ٿيل آهي. اتي ملڪاڻي ويجهو ڳوٺ محراب جو رهواسي علي نواز دلواڻيءَ جو فيس بوڪ تي ڪيل ڳالهه ٻولهه آهي. علي نواز دلواڻي جيڪو ڍورا سسٽم تي هڪ انجنيئر کان بهتر عملي ڳالهه ڪري ٿو. هو چئي ٿو پراڻ جو پاڻي انڌو ٿي ويو آهي، لٺ کڻي گس ڳولي پيو. هو وڏو سرگرم آبادگار آهي. علي نواز دلواڻي پنهنجي علائقي ۾ نصير ڪئنال جو پاڻي نه پهچڻ سبب اسلام آباد تائين آبادگارن جو مظاهرو ڪري ويو. هن 60 ڏينهن بک هڙتال ڪري سپريم ڪورٽ جو ڌيان ڇڪايو هو.
وزيرن ۽ فوڪل پرسن جون نجي ڪچهريون:
اهڙي ڳالهه جو اندازو ان وقت ٿيو جڏهن وڏي وزير ميڊيا جي ڪيترن ئي لڳايل لوگوز دوران مير منور ٽالپر جي موجودگيءَ ۾ ان جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان سڀني تي ته هونءَ ئي ڪئين ٺٺولون ۽ ٽڪ ٽاڪ پيا هلن، پر مير صاحب اسان سڀني کان مارڪون کڻي ويو آهي. هن کي 50، 50 جي نوٽن ورهائڻ واري ڳالهه آسمان تي پهچائي ڇڏيو آهي. مير صاحب جي اها ڳالهه اڃان گهٽ ڪانه ٿي ته وري جهڏي وارن سان ڪيل ڳالهه وائرل ٿي آهي ته “پاڻيءَ سان لٺيون کڻي وڙهون ڇا ڪريون.” چون ٿا ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سڀني ضلعي فوڪل پرسن کي هر روز جي رپورٽ ڏيڻ وقت چتاءُ ڏنو هو ته سوشل ميڊيا جي واچ کي ٿرڊ پرسن آڊٽ سمجهيو ويندو. چون ٿا ته وڏي وزير جي موجودگي ۾ ارباب لطف الله جي ڪنهن واٺي ڳالهه ڪئي ته ارباب صاحب خلاف ته الائي ڇا ڇا پيو سوشل ميڊيا تي هلي. سوچيوسين ته چيئرمين صاحب وٽ سخت پڇاڻو ٿيندو، پر مير صاحب سڄو بار کڻي ويو. پر هوڏانهن سڄو بار منظور وساڻ کڻي ورتو. جنهن کي سنڌ جي شهر ۾ ٻيــڙين هلڻ تي اٽليءَ جو وينس شهر ياد اچي ويو. جنهن سان ٻڏل سنڌ کي تشبيهه ڏئي ڇڏي.
سوشل ميڊيا ۾ وڏي بحث هيٺ ته سنڌ جي هڪ وڏي صحافيءَ جو اهو اسٽيٽس به هلندڙ آهي، جنهن ۾ هن لکيو ته آبپاشي کاتي جي اعليٰ اجلاس ۾ درياءَ کي کاٻي پاسي کنڊو، بائو ديرو ۽ لطيف آباد وٽان ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انهيءَ صحافي اها ڳالهه ان وقت لکي جڏهن ڪوٽڙي بئراج وٽان اڍائي لک ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو هو. ان ڪري گهڻن ماڻهن کانئس ڪمينٽس ۾ غلط ڳالهيون ڦهلائڻ وارو الزام به هنيو، پر هن ڪمينٽس واري سان ڊگهو بحث ڪري پنهنجي غلط ڳالهه کي سچي ثابت ڪندو رهيو. هن وٽ دليل اهو هو ته آبپاشي کاتي جي ذريعن وٽان کيس اهڙي ڳجهي معلومات ملي آهي. جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج مان اٺ لک پنجهتر هزار ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ جي گنجائش آهي. ان کان اڳ ۾ ست هزار ڪيوسڪ گذرندو رهيو آهي. ان کان وڌيڪ پاڻي هئڻ جي صورت ۾ ساڄي پاسي مانجهند وٽان ڀڳو ٽوڙهو جي ڪيٽي ۾ ڇنڊڻ ڊزائن ڪيل آهي ۽ کاٻي پاسي مٽياري وٽ اهڙي ڇنڊڻ موجود آهي. جيڪا روهڙي ڪئنال ۾ ڇوڙ ٿئي ٿي. جڏهن ته سنڌو درياءَ جو قدرتي اهو سسٽم آهي ته سکر بئراج مان گذرندڙ پاڻي درياءَ جي ٻنهي ڪنڌين جي وچ ۾ وڏي پکيڙ ۾ ڦهلجي وڃي ٿو. ان ڪري قدرتي طور تي ڪوٽڙي پهچڻ کان اڳ ۾ ان جي وهڪري جو وڏو زور ٽٽي وڃي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button