ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ذلتن کان ڇوٽڪاري جو سوال

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

ڇا سنڌ تاريخ جي هن بدترين بحراني ۽ ذلتي دور کان ٻاهر نڪرندي ڪو ڇوٽڪاري جو اهڙو رستو اختيار ڪري سگھندي جو ايندڙ وقت سنڌ جي عوام کي اهڙين اذيتن ۽ ذلتن ۾ وري نه جڪڙي؟ هن وقت سنڌ برساتن ۽ ٻوڏن جي مصيبتن کي جيترو برداشت ڪيو آهي ۽ ڪري رهي آهي انهيءَ کان وڌيڪ سنڌ جو عوام ذلتن کي ڀوڳي پيو. سڄي پاڪستان جي تمام صوبن ۽ قومن کان امير صوبي جو عوام جيڪا خواري، بدحالي، فقيري ۽ دربدري جي حالت مان گذري رهيو آهي ڇا سمورو ٻوجھه صرف برساتن ۽ ٻوڏن جي ڪري هن عوام تي ڪريو آهي؟ بيشڪ پوري ملڪ جو غريب عوام بري کان بري صورتحال ۾ آهي پر سنڌ انهن سڀني کان وڌيڪ ڀوڳي رهي آهي ۽ ان ڀوڳنا جو پيرڊ ٻين جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي وڌيڪ ۽ ڊگھي عرصي تائين ڀوڳڻو پوندو، ڇو ته سنڌ سمنڊ جي ڪناري هن ملڪ جي جاگرافي ۾ هڪ اهڙي پوزيشن تي آهي جتي پوري ملڪ جي برسات ۽ ٻوڏ جو پاڻي سنڌ جي طرف ئي اچي ٿو.
ڪي پي ڪي به يا مٿاهين علائقن ۾ جڏهن برسات پئي ٿي دريائي ٻوڏ ۽ وهڪرا يا برسات جيترو به نقصان ٿا پهچائن پر ٿورڙي عرصي کان پوءِ اهو سڄو پاڻي وهڪرو ٿي سنڌ جي طرف اچي ٿو، اهائي صورتحال پنجاب ۾ به آهي ته پنجاب جي پاڻي جو به نيڪال سنڌ جي طرف ٿئي ٿو.
بلوچستان جي اندر جيڪي به برساتون تباهي ٿيون آڻن، اهو گڏ ٿيل وڌيڪ زور ۽ شور سان پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿو ٿئي پاڻ جيڪڏهن هي چئون ته سنڌ هن ملڪ جو رڳو معاشي ٻوجهھ نٿي کڻي پر ٻوڏ جو ٻوجهھ به سنڌ کي برداشت ڪندي ڀوڳڻو ٿو پئي، انهيءَ لاءِ جو پاڻي جا قدرتي وهڪرا لازمي طور تي سمنڊ جي طرف وڌندا آهن، سنڌ خوش قسمتي يا بد قسمتي سان پنهنجي ڪناري تي هڪ ڊگهو سمنڊ جو بيلٽ رکي ٿي، ٿيڻ ته ائين گھربو هيو جو انهن تمام وهڪرن سبب سنڌو درياءَ جا بند يا ٻيا بند جيڪي وهڪرن سبب يا ٻوڏ ۾ دٻاءَ ۾ اچن ٿا، انهيءَ تي مضبوطي جو خرچ وفاقي سرڪار کان ورتو وڃي ها ۽ دريائي بند ايترا مضبوط ۽ طاقتور هجن ها جو اهڙيون ٻوڏيون جيڪڏهن چئوڻ تي به اچن ته بندن کي ڪنهن به قسم جو خطرو نه ٿئي ها. بندن جي مانيٽرنگ جو سسٽم رڳو ايريگشن جي حوالي نه هجڻ گھرجي، بلڪ جنهن ڪرپٽ ۽ بري نظام مان اسان گذرون پيا انهيءَ جي مد نظر هر سال بندن جي آبزرويشن جي لاءِ اعليٰ قسم جي جوڊيشري ڪميٽي هجڻ گھرجي، جيڪا انهن جو معائنو ڪري ۽ خرچ ٿيل رقم جي آڊٽ هي روايتي آڊٽ ڪميٽي کان ڪرائڻ جي بجاءِ آڊيٽر جنرل جي ذريعي آڊٽ ٿيڻ گھرجي، ڇو ته هاڻي ٻوڏون وڌيڪ خوفناڪ ۽ خطرناڪ صورت اختيار ڪنديون.
انهيءَ کان علاوه پوري سنڌ جي صورتحال سنڌ ۾ پاڻي جو نيڪال قدرتي گريوٽي جي بنيادن تي ٿيڻ ناممڪن آهي، هتي پاڻي لفٽنگ ڪري پمپنگ اسٽيشن ذريعي ڪڍڻو پئي ٿو، تنهن ڪري پوري سنڌ جي اندر نيڪال جا رستا ٻٽا هجڻ گھرجن، يعني هڪ سيوريج جو نيڪال جيڪي گھرن جو پاڻي نيڪال ڪيو ٿو وڃي ۽ ٻيو برساتن جو پاڻي جنهن کي رين واٽر ڊسپوزل اسڪيم چئجي ٿو، جيڪڏهن بند پختا هجن، نيڪال جا بندوبست ٻٽا هجن ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته هي برسات ڪا تباهي آڻي سگھي ٿي يا پاڻي ڏينهن تائين بيهجي وڃي، پاڻي جا نيڪال ۽ وهڪرا جيڪڏهن صاف ۽ شفاف ۽ وڌيڪ ڪيپيسٽي وارا هجن ته اهي برساتون اسان کي خوف ڏيڻ جي بجاءِ سڪون ڏينديون ۽ ماڻهو برسات کي وڌيڪ انجوائي ڪندا.
برسات جي پاڻي جي لاءِ جيڪڏهن ڊيمن جو بندوبست ٿئي ته وڌيڪ بهتر پر جي نه ته گھٽ ۾ گھٽ اسان ٻوڏن ۽ برساتن ۾ پنهنجي معصوم ٻارڙن عورتن پوڙهن ۽ عوامي ٽولن ۾ دربدر خوار خراب ٿيڻ کان ته بچي سگهون ٿا پر ڇا اهو ممڪن آهي ته هي سياسي اسٽيٽسڪو يا انتظامي ڪامورا شاهي جيڪا رڳو بي رحم نه پر جلاد مافيا جيان آهي هڪ اهڙي مافيا جنهن جي لاءِ هي آفتون هڪ لاٽري جيان هونديون آهن عوام ٻڏندو آهي انتظاميه ۽ سياسي ڀوتار سئوڻ تي ڪمائڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. 2010 جي ٻوڏ کان هن مهل تائين تسلسل سان هڪ ئي پارٽي جي حڪومت هلي ٿي پر جيڪڏهن توهان هنن کان انتظامي طور تي پڇا ڪندو ته سنڌ جو نقصان ڪيترو ٿيو آهي ته هو صرف گشا ۽ ڌڪا هڻڻ کان سواءِ ڪجھه به نه ٻڌائيندا، انهيءَ جو وڏو مثال مان پاڻ آهيان جو هن برسات ۾ منهنجي گھر جا ٽي ڪمرا ڪري پيا، تمام گھڻو نقصان ٿيو، جاني نقصان کان سواءِ باقي گھر جو هرڪو ترڪو دٻجي ويو پر حيرت جو مقام هي آهي جو هن وقت تائين ميونسپل ڪميٽي کان ڊسٽرڪ انتظاميه تائين ڪنهن به رابطو ڪري ناهي پڇو ته ڪيترو نقصان ٿيو آهي رڳو منهنجو نه پر پوري شهر ۾ ڪو هڪ ماڻهو به اهو نه ٻڌائيندو ته ضلعي انتظاميه طرفان ڪنهن کان به ڪا معلومات ورتي هجي يا پاڻ اچي ڏٺو هجون.
پوري ضلعي جي اندر ڇا پر پوري سنڌ ۾ جيتري به بربادي آئي آهي سنڌ حڪومت جي پاران ڪو به اهڙو سينٽر يا ادارو قائم ناهي ڪيو ويو، جنهن سان عوام رابطو ڪري کين ٻڌائي ته انهن جو نقصان ٿيو آهي ٿيڻ ته ائين گھربو هيو جو ضلعي سطح تي ۽ تعلقي سطح تي اهڙا سينٽر قائم ڪيا وڃن ها ۽ عوام پنهنجا نقصان جا تفصيل اتي جمع ڪرائي ها جو انهن جو ڪجهه نه ڪجھه پوراءُ ڪري سگھجي يا گھٽ ۾ گھٽ حڪومت کي هي ٺيڪ طرح سان اها ڄاڻ هجي ته نقصان ڪيترو ٿيو آهي. هاڻي ٻڌ سڌ ۽ ميڊيا جي معرفت جيڪو ڪجھه رپورٽ ٿئي ٿو ته حڪومت اهي اڌو گابرا اهي انگ اکر پاڻ وٽ رکي ٿي ۽ ٻئي طرف عالمي ادارن کان يا ملڪن کان مدد ۽ فنڊ وٺڻ جي لاءِ جيڪي رپورٽون پيش ڪيون ٿيو وڃن ڀلي اهي ڪهڙي به سطح تي هجن پر رجسٽريشن کان سواءِ سڀاڻي جيڪڏهن انهن پيسن جو استعمال ٿئي ته اهو ڪيئن ٿيندو يا ڪامورن ۽ ڀوتارن جي مرضي سان عوام جي ريهيبليٽيشن ڪرڻ لاءِ ايئن بل تيار ڪيا ويندا جيئن ايريگشن ۾ پٿر جي ڊمپنگ جا بل تيار ٿيندا آهن يا واهن ۽ شاخن جي کاٽيءَ جا بل تيار ٿيندا آهن.
هن بدترين صورتحال مان سنڌ ڪيئن نڪرندي اهو بنيادي ۽ اهم سوال آهي، سنڌ جو سماجي ڍانچو جنهن سطح تي بيٺل آهي، انهيءَ ۾ جاگيرداري ۽ موقع پرست سياست کان سواءِ ڪو به هڪڙو پرت نظر نٿو اچي جيڪو سماجي قيادت ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، سنڌ جو واپاري منافعا خوري جي جنوني بيماري ۾ مبتلا هڪ روايتي پيسي گڏ ڪرڻ جي پرزي کان سواءِ ڪجھه به ناهي رهيو ۽ نه ان مان ڪا اميد رکي سگھجي ٿي. باشعور ۽ سنڌ دوست ڇڙوڇڙ فرد پنهنجي اندر جي پيڙائن ۾ مبتلا آهن، هارين ۽ مزدورن جي ڪا به سياسي صف بندي ٿيل ناهي، اهڙي صورتحال ۾ صرف ۽ صرف آخري ۽ هڪ اميد سنڌ جي عوام دوست سياسي پارٽين يا گروپن مان ئي رکي سگھجي ٿي پر سوال وري هي آهي ته هيڙي ڊيزاسٽر کان پوءِ ڇا سياست جي اها ڌارا يعني عوام دوست ڌارا صرف حڪومت ۽ انتظاميا تي تنقيد ڪرڻ جي حد تائين رهندي يا هڪ قدم اڳتي وڌائي هر ضلعي سطح تي عوامي ڪميٽيون جوڙي پوري نقصان جا تفصيل هٿ ڪري متاثرن جو هڪ اتحاد قائم ڪري حڪومت ۽ انتظاميه تي پورو دٻاءُ وجھي ۽ انهيءَ جو ازالي ڪرائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻندي اڳتي وڌي هڪ نئين عمل جي شروعات ڪري سگھي ٿي. يقينن جيڪڏهن قوم پرست، کاٻي ڌر ۽ عوام دوست مذهبي جماعتون گڏجي ڪري هڪ عوامي اتحاد قائم ڪري ۽ هڪ نئين سماجي تحرڪ کي پيدا ڪري جيڪڏهن اڳتي وڌن ته اها اميد رکي سگھجي ته سنڌ جي بربادي جا معاشي اثر سنڌ جي سياسي رخ کي موڙي سگھن ٿا ۽ سنڌ هنن مسلسل ۽ نه کٽندڙ ذلتن کان ڇوٽڪاري حاصل ڪري سگھي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button