ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان پهريان اسٽيبلشمنٽ هاڻ عدليا جو “لاڏلو”!

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

هي ڳالهه هاڻ Established ٿي چڪي آهي ته عمران خان هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن جو لاڏلو ته رهيو آهي، پر هاڻ هو عدليا جو به لاڏلو آهي! هن ڳالهه کي ڪي حلقا ان کان ٿورو مختلف ڪري پيش ڪن ٿا ته عمران خان هينئر به اسٽيبلشمنٽ جي هڪ حصي سان گڏ عدليا سميت ڪيترن ئي ادارن جو لاڏلو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو هينئر تائين هن جي خلاف ڪيترين ئي فالٽ لائينز جي وچ ۾ هجڻ باوجود سزائن کان بچيل آهي. جيڪڏهن بقول ڪنهن جي اسٽيبلشمنٽ کان وٺي عدليا تائين هڪ اک ۾ مرچ ۽ ٻئي ۾ سرمو وجهندا رهيا ته پوءِ ان رياست جا قانون ڪيڏانهن ويا، جن جا حوالا ڏنا ويندا هئا.
عمران خان پاران هڪ عورت ميجسٽريٽ ۽ ٻن پوليس عملدارن کي ڌمڪيون ڏيڻ کانپوءِ هن خلاف توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو. ان جي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران عمران خان کي ايترو ته چيو ته هن جيڪو معافي وارو جواب داخل ڪرايو آهي، ان هن جي به دل ڏکوئي آهي. پر ان جي باوجود هن کي هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي چيو ويو ته هو نئين سري سان عدالت ۾ معافي نامون داخل ڪري. ان معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حوالي سان تمام گهڻيون ڳالهيون منظر تي آيون آهن. هڪ طرف جج جي عمران خان سان پراڻي تصوير کي ڪيترن ئي يوٽيوبرز منظر تي آندو آهي ۽ هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جج جو عمران خان سان پراڻو يارانو آهي، انڪري هو ان سان لاڏلي جهڙو سلوڪ ڪري رهيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ٿيڻ کان پهريان به، خاص ڪري ن ليگ سان همدردي رکندڙ صحافين ۽ ڪالم نگارن هي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ته چيف جسٽس اطهر من الله، ملڪ کان ٻاهر موڪل تي آهي انڪري عمران خان کيس گهڻو Miss ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته وقتي چيف جسٽس ته عمران خان کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏيندي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ اڳيان کيس پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.
جنهن به عمران خان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڏٺي يا ٻڌي،اهي ان ڳالهه جا شاهد آهن ته عدالت توڙي جو عمران خان کان غير مشروط معافي گهرڻ جي اميد ڪري ٿي، جنهن کان عمران خان ۽ ان جي ٽيم لاڳاتار انڪار ڪندي چئي رهي آهي ته هن ڪابه توهين عدالت نه ڪئي آهي. عمران خان جا پنهنجا وڪيل به کيس اهو ئي مشورو ڏين ٿا ته هو غيرمشروط معافي وٺي جان آجي ڪرائي، ممڪن آهي ته عمران خان آخري گهڙين دوران نااهلي جي سزا کان بچڻ لاءِ ائين ئي ڪندو. پر في الحال هو عدالت سان ڊاڪٽر ڊاڪٽر واري راند کيڏي رهيو آهي. ان کان اڳ ۾ جو ست ڏينهن پورا ٿي وڃن، اهو تاثر ڏينهون ڏينهون سگهارو ٿي رهيو آهي ته عمران خان کي ڪيترن ئي حلقن خاطري ڪرائي آهي ته هن کي ڪجهه به نه ٿيندو. هن جو Mouth piece فواد چوڌري ته ڏاچي هڻي ڏهه ۽ توڏي هڻي تيرهن واري ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ چئي ٿو ته عمران خان جي مقبوليت ايتري آهي جو، عدالت کيس نااهل قرار ڏئي نٿي سگهي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته جيڪي سزا ڏيندڙ هوندا، اهي ڪيڏانهن ويندا ۽ اهي عوام جي غضب کان بچي نه سگهندا. هن جي ان ڳالهه تي عمران خان پاڻ به عدالت جي ڪمري تي کلي ڏنو، جنهن وقت عمران خان جي وڪيل حامد خان چيو ته ان شخص يعني فواد چوڌري جو حوالو نه ڏنو وڃي، هن مان ڪنهن به چڱائي جي اميد ڪري نٿي سگهجي.
پي ٽي آءِ جي اندر اختلاف ۽ هڪٻئي جي خلاف ڳالهيون ته پنهنجي جاءِ تي پر هي Narrative انتهائي خطرناڪ آهي ته عدالتون مختلف سياسي اڳواڻن سان امتيازي سلوڪ ڪري رهيون آهن، سوشل ميڊيا تي سڀني ڏٺو ته ن ليگ جي ٽن اڳواڻن دانيال عزيز، طلال چوڌري ۽ نهال هاشمي جي تصويرن سان گڏ هي ڳالهه چئي وئي ته هي اهي اڳواڻ آهن، جيڪي توهين عدالت تي نه صرف سزا کائي ويا، پر نااهل به ٿيا، پر عمران خان ساڳين الزامن هيٺ عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آهي، پر ان سان لاڏلن وارو سلوڪ ڪيو وڃي پيو. سوشل ميڊيا تي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا جي تصوير سان گڏ عمران خان به نظر اچي ٿو، سوال هي پڇيو وڃي پيو ته ڇا ٻن وزير اعظمن ۾ ڪو فرق آهي، هڪ کي ڪجهه سيڪنڊن جي سزا ملڻ کانپوءِ نااهل ٿي ويو ۽ ٻيو جلسن ۽ جلوسن ۾ کلي عام ڪڏهن عدليا ته ڪڏهن اسٽيبلشمنٽ تي تنقيد ڪري ٿو، پر هن جو ڪو وار به ونگو ڪرڻ وارو ناهي! هي ڳالهه نه صرف آئين ۽ قانون جي خلاف سمجهي وڃي ٿي ته هڪ ئي ملڪ جي آئين ۾ سمورن شهرين کي مليل حقن جي باوجود، هڪ وزير اعظم نااهل ٿي ويو ۽ ٻيو جيڪو چاهي ٿو، اهو چئي ٿو. عمران خان پيشي جي موقعي تي ايترو به چيو ته هو ڏينهون ڏينهن خطرناڪ ٿي رهيو آهي، ۽ هو وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو! هن واڳ ڌڻين کي به پيغام ڏنو ته جيڪڏهن هن کي نااهل قرار ڏنو ويو ته پوءِ هو انهن جي به کول ڪندو. سوال آهي ته اهڙو ڪهڙو راز آهي، جيڪو عمران خان ظاهر ڪري واڳ ڌڻين کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيندو ۽ هو پنهنجن حامين کي چئي ٿو ته جيڪڏهن هو نااهل ٿي وڃي ته انهن يعني واڳ ڌڻين کي به نه ڇڏين. عمران خان جي ان سوچ مان لڳي ٿو ته جيئن ڪي حلقا چون ٿا ته هن جو نفسياتي معائنو ڪرائڻ جي ضرورت آهي، ڇا دال ۽ ڇا بسم الله! هن ملڪ ۾ اهڙا به سياسي مبصر آهن، جيڪي چون ٿا ته هڪ ماءُ جا ٻار ڏنگا به ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن عمران خان ڏنگايون ڪري ٿو ته رياست ماءُ جيان آهي، ان سان محتاط رويو اختيار ڪري ۽ ماءُ جيان سمجهائي ته هو اهڙيون حرڪتون نه ڪري، جنهن سان هن کي نقصان ٿي سگهي ٿو!
عدالتن ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيندو رهيو آهي، پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله لاءِ چيو وڃي پيو ته هن عمران خان جي معاملي تي يوٽرن ورتو آهي! جنهن وقت صحافين جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته چيف جسٽس کلي عام چيو ته “هي عدالت، توهين عدالت جي قانونن ۾ يقين نٿي رکي، جيڪا تنقيد ڪرڻي اٿو، ڪريو، اسان ڪوبه ردعمل نه ڏينداسين، عدالت جي سڃاڻپ ان جي فيصلن سان ٿيندي آهي”! عمران خان جي خلاف توهين عدالت جي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندڙ پنجن ججن مان هي ڳالهه هڪڙو جج ڪري رهيو آهي، ان جو بينچ ۾ ووٽ به هڪڙو ئي آهي. ان مان لڳي ٿو ته چيف جسٽس پاڻ کي Isolate ڪري رهيو آهي. هي ته وري وري چيو ويندو آهي ته جنهن وقت ڪو به ڪيس هلندڙ هجي ته ان تي تبصري ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جنهن جي عمران به ڀڃڪڙي ڪري چڪو آهي، پر اها عدالت جيڪا توهين عدالت جو نوٽيس وٺندي هجي، اها چئي ته هو توهين عدالت جي قانون تي ئي ويساهه نٿي رکي ته هي انتهائي حساس معاملو ٿي ويندو. ڪو به جج، پوءِ قانون ڪارو هجي، عوام دشمن هجي، عوام دوست هجي، يا ڪيترو به سٺو يا خراب هجي، ان لاءِ ڪيئن چئي سگهي ٿو ته هو ان کي قبول نٿو ڪري. هن جي راءِ ٿي سگهي ٿي، پر جنهن قانون تحت جج حلف کڻندا آهن، ان ۾ اهو ڪارو يا اڇو قانون موجود آهي. ان کي نه مڃڻ يا مڃڻ سان ڪهڙو فرق پئي ٿو، عدالت کي فيصلو ته قانون مطابق ئي ڪرڻو آهي. چيف جسٽس صحافين کي ڏوراپا ڏنا ته اهي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسن ته انهن جو ڪردار ڪهڙو آهي؟ هي صحيح ڳالهه آهي ته صحافين جو ڪردار به ڪو پاڪ دامن وارو ناهي، اهي به ڪنهن نه ڪنهن جي اشاري تي ڪم ڪن ٿا، اشارو ڏيندڙ ادارن جا مالڪ به ٿي سگهن ٿا ته مختلف ادارن جا طاقتور عهديدار به!
هي ڳالهه وري وري چئي ويندي ته هڪ صحافي ڪو جوڊيشل عملدار، جج يا ميجسٽريٽ نه ٿيندو آهي، پر جج جي پوزيشن مختلف ٿيندي آهي. ان جي ذات تي ڪابه جهل ڪرڻ جڳائي نٿي، پر هن ملڪ جي عدليا جيڪي ڪلور ڪيا آهن، جيڪي عدالتي قتل ڪيا آهن، انصاف جي فراهمي ۾ جيڪي گهپلا ڪيا آهن، انهن تي نه صرف تنقيد ڪري سگهجي ٿي، پر ٿي رهي آهي، ايستائين جو عدليا جي اندران ان تي تنقيد ٿي آهي. ان کي ڪو روڪي به نٿو سگهي، سموري دنيا جو هي دستور آهي ته ججن جا فيصلا تنقيد کان مٿڀرا نه رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته جج به انسان آهن، انهن جون به ڪنهن نه ڪنهن ڌر سان همدريون ۽ رنجشون ٿي سگهن ٿيون،انڪري انهن کي به Benefit of Doubt جو فائدو ملڻ گهرجي، پر هي فائدو رڳو ججن لاءِ نه هجڻ گهرجي، ان سان گڏ عمران خان جي حوالي سان عدالتن کي پنهنجي رويي تي به نظرثاني ڪرڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button