پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن جا رانديگر ايشيا ڪپ جي سپر مرحلي ۾ اهم مقابلو ڪرڻ خاطر اڄ شام دبئي جي ميدان تي هڪٻئي سان مقابلو ڪندا، جنهن ۾ ڪاميابي جو ٻنهي ٽيمن عزم ڪيو آهي. ميڊيا مطابق ايشيا ڪپ جي اهم مرحلي واري ميچ کان اڳ قومي ٽيم جي رانديگرن کي مڪمل آرام ڏنو ويو آهي. جڏهن تھ ڀارتي رانديگرن پڻ تفريح ۾ وقت گذاريو آهي. هوڏانهن ٽيم ۾ وري محمد حسنين کي کيڏائڻ جو امڪان آهي، ڇوتھ تيز بالر شاهنواز ڏاهاڻي انجري سبب ميچ مان آئوٽ ٿي چڪو آهي. ڀارتي اسڪواڊ بھ جديجا جهڙي آل رائونڊر کان محروم آهي، مداحن کي وڏي مقابلي جو انتظار ڪري رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close