آمريڪا جي نمبر ون رهندڙ ٽينس اسٽار سرينا وليمز ڀيڻ وينس وليمز سان گڏجي ٽينس ڪورٽ ۾ مداحن کان موڪلايو آهي، جنهن دوران ٻئي ڄڻيون جذباتي ٿي ويون. ميڊيا مطابق سرينا ۽ وينس وليمز ماڻهن سان ڀريل ٽينس ڪورٽ آيون تھ مداحن کين پيار سان موٽ ڏني، ٻنهي هٿن سان مداحن کان الوداعي داد پڻ ورتو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ سرينا ڪجهه بھ ڳالهائڻ بنا يو ايس اوپن ذريعي رٽائرمينٽ جو کليل نموني سان اظهار بھ ڪيو آهي. هوڏانهن ايونٽ جي آرگنائيزرن سرينا کي ڏهاڪن تائين مانائتي نموني کيڏندڙ رانديگرياڻي طور ياد رکڻ جو عزم ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close