رانديون

رضوان، ڪوهلي، نواز ايشيا ڪپ جي ٽاپ پوزيشن ۾ اچي ويا

پاڪستاني ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان، ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي، پاڪستان جو محمد نواز ايشيا ڪپ جي ٽاپ پوزيشن ۾ اچي ويا آهن. ميڊيا مطابق ايشيا ڪپ جي جاري مقابلن ۾ پاڪستان جي ٽيم ڀارت کي هارائڻ بعد پوائينٽس ٽيبل تي اڳتي آئي آهي. جڏهن تھ ڀارت کي باقي ٻھ ميچون هر صورت ۾ کٽي ايونٽ ۾ رهڻو آهي، ٻي صورت ۾ ڊوڙ مان نڪري ويندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ محمد رضوان ٽن ميچن ۾ 192 رنسن سان ٽاپ ڪيو آهي. جڏهن تھ ويرات ڪوهلي 154 رنسن سان ٻي پوزيشن تي آهي. اهڙي ريت محمد نواز ۽ مجيب الرحمان 7،7 ۽ شاداب خان 6 وڪيٽن تي ايونٽ جي ٽاپ پوزيشن تي جڳهه ٺاهي ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button