رانديون

ناردرن ۽ سينٽرل پنهنجون پنهنجون ميچون کٽي ورتيون

نيشنل ٽي 20 ڪپ جي جاري مقابلن ۾ ناردرن جي ٽيم سدرن کي 5 رنسن ۽ سينٽرل پنجاب وري سنڌ کي 11 رنسن تان شڪست ڏئي پنهنجون پنهنجون ميچون کٽي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق پهرين ميچ ۾ سينٽرل پنجاب جي بيٽرن 5 وڪيٽن تي 188 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ سنڌ جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 177 رنسون سگهي آهي. جڏهن تھ ٻي ميچ ۾ ناردرن پنجاب جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 188 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ سدرن پنجاب جي ٽيم 182 رنسن تي آئوٽ ٿي شڪست جو شڪار ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button