رانديون

ڀارت کي پاڪستان کانپوءِ سريلنڪا هٿان به شڪست

دبئي: ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ سريلنڪن ٽيم ڀارت کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. دبئي ۾ ڀارت طرفان مليل 174 رنسن جو هدف سريلنڪا دلچسپ مقابلي کانپوءِ هڪ بال اڳ ۾ حاصل ڪري ورتو. سريلنڪا طرفان ڪوشل مينڊس 57، پاٿم نسانڪا 52، ڊاسن شناڪا 33، ڀنوڪا راجاپاڪسا 25 رنسون ٺاهيون. ان کان اڳ ڀارت ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسون ٺاهيون. ڪپتان روهت شرما 72، سوريا ڪمار يادو 34، هارديڪ پانڊيا ۽ رشاڀ پنت 17-17 رنسون ٺاهيون. واضح رهي ته سپر فور ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا هٿان شڪست کانپوءِ ڀارت جا ٽائيٽل جي ڊوڙ مان نڪرڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. لاڳيتو ٻي ميچ ۾ ناڪامي کانپوءِ ڀارت جو فائنل ۾ پهچڻ ظاهري طور ناممڪن لڳي رهيو آهي، جيڪڏهن سريلنڪا پنهنجي آخري ميچ کٽڻ ۾ ڪامياب رهي ۽ پاڪستان پنهنجون ٻئي ميچون هارائي ويو ۽ ڀارتي ٽيم آخري ميچ ۾ افغانستان کي شڪست ڏئي ڇڏي ته ٽنهي ٽيمن جا 2، 2 پوائنٽس ٿي ويندا. جنهن کانپوءِ فائنل ۾ پهچڻ لاءِ معاملو رن ريٽ تي ويندو. ان کان علاوه جيڪڏهن اڄ پاڪستان افغانستان کي شڪست ڏئي ڇڏي ته گرين شرٽس ۽ سريلنڪن ٽيم ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وينديون. ڀارت ۽ افغانستان ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button