رانديون

منهنجي پهرين پوزيشن کي بابر اعظم جو راڄ سمجهيو وڃي: محمد رضوان

لاهور: قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان تازو آءِ سي سي ٽي-ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ بابر اعظم کان پهرين پوزيشن کسي ورتي آهي. محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي ۾ پهرئين نمبر تي جڏهن ته بابر اعظم 1155 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي تائين نمبر ون رهڻ کانپوءِ ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي محمد رضوان الله جو شڪر ادا ڪيو ۽ لکيو ته “اهو صرف الله جي طرفان ٿئي ٿو، اهو الله کان سواءِ ڪنهن کان نه ٿو ٿئي”. محمد رضوان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ لکيو ته ٽي-20 ڪرڪيٽ ۾ منهنجي پهرين پوزيشن کي بابر اعظم جو راڄ سمجهيو وڃي. قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر وڌيڪ لکيو ته ڪپتان ۽ مان الڳ نه آهيون، اسان سڀ هڪ آهيون، اوهان سڀني جي پيار ۽ دعائن جي مهرباني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button