افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد نبي چيو آهي تھ پاڪستان هٿان شڪست بعد مون سميت ڪيترن ئي رانديگرن ننڊ لا گوريون کاڌيون هيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ راند جي پڄاڻي تي صدمي ۾ ڪيترائي ڇوڪرا ميدان ڇڏي هليا ويا، ڇوتھ اهي بي سڪون هئا، بعد ۾ هوٽل پهچي انهن گرين ٽي ورتي ۽ ننڊ جون گوريون بھ کاڌيون. هوڏانهن ٽيم جي اسسٽنٽ ڪوچ رئيس احمد زئي جو چوڻ هو تھ پاڪستان خلاف ميچ ۾ سڄي قوم ٽينشن ۾ هئي ۽ شڪست ملڻ تي سڀ ڏک ۾ ورتل آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close