رانديون

پاڪستان کي ايشيا ڪپ فائنل کان اڳ وڏي شڪست، سريلنڪا خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

سريلنڪا جي ٽيم ايشيا ڪپ ۾ لڳاتار چوٿين ڪاميابي حاصل ڪري پاڪستان کي فائنل کان اڳ شڪست جو ٽريلر ڏيکاري ڇڏيو، بابر اعظم اليون 20 اوورن ۾ صرف 121 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن جي موٽ ۾ سريلنڪا 5 وڪيٽن جي نقصان تي گهربل هدف حاصل ڪري آساني سان ميدان ماري ورتو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 11 سيپٽمبر تي فائنل کيڏيو ويندو. دبئي اسٽيڊيم ۾ سپر فور مرحلي جي آخري مئچ کيڏي وئي، جنهن ۾ سريلنڪن ڪپتان داسن شناڪا ٽاس کٽڻ بعد پاڪستان کي پهرين بئٽنگ جي دعوت ڏني ته بالرن اهو فيصلو درست ثابت ڪندي پاڪستان کي 121 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ڪپتان بابر اعظم 30، محمد نواز 26، محمد رضوان 14، فخر زمان ۽ افتخار احمد جون 13-13 رنسون شامل هيون. سريلنڪا جي بالرن مان وانندو هسارنگا 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته مادوشان ۽ ٺيڪشانا 2- 2 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا. سريلنڪا جي بئٽنگ ۾ نسانڪا سلوا ففٽي هڻي ٽاپ اسڪورر رهيو. پاڪستاني بالرن شروعات ۾ ڪجهه تڪڙيون وڪيٽون ورتيون پر بعد ۾ سريلنڪا جي رانديگرن ٽيم کي سنڀالي ورتو. واضح رهي ته سپر فور مرحلي جي آخري مئچ ۾ پاڪستاني ٽيم ٻه تبديليون ڪيون، فاسٽ بالر نسيم شاهه ۽ ليگ اسپنر شاداب خان کي آرام ڪرائي عثمان قادر ۽ حسن علي کي موقعو ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button