نيشنل ٽي 20 ڪپ جي ملتان وارن مقابلن ۾ ناردرن پنجاب ۽ بلوچستان جي ٽيمن پنهنجي پنهنجي ميچ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ناردرن پنجاب هڪ رنس تان سنڌ جي ٽيم کي شڪست ڏئي اڳيان نڪري وئي آهي. ناردرن پنجاب 4 وڪيٽن تي 190 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ سنڌ جي ٽيم 7 وڪيٽن تي 189 رنسن ٺاهي سگهي. هوڏانهن ٻي ميچ ۾ بلوچستان جي ٽيم 7 وڪيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي. جڏهن تھ سينٽرل پنجاب 9 وڪيٽن تي 169 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ بلوچستان 3 وڪيٽن تي 173 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close