رانديون

ايشيا ڪپ جي ٽرافي ماڻڻ جي ويڙهه اڄ ٿيندي، سريلنڪا ۽ پاڪستان آمهون سامهون

ايشيا ڪپ جي ٽرافي کي ماڻڻ جي ويڙهه اڄ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٿيندي، جنهن ۾ پاڪستاني ڪپتان بابراعظم وٽ اهو موقعو آهي تھ پاڪستان کي ٽيون ڀيرو ڪپ کٽرائي تاريخ لکي. ميڊيا مطابق ايشيا جي چيمپيئن شپ خاطر سريلنڪا ۽ پاڪستان ۾ اڄ شام فيصلائتو مقابلو ٿيندو، جنهن جي تياري ٻنهي ٽيمن ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ايشيا ڪپ جي دبئي ۾ رٿيل فائنل کي کٽڻ جي تياري ٻنهي ٽيمن ڀرپور نموني سان ڪري ورتي آهي ۽ ٻنهي ڪپ کٽڻ جو پرعزم ڪري ورتو آهي. هوڏانهن پاڪستان پنهنجي ٽيم ۾ ٻن تبديلين تي ويچاريو آهي، جنهن تحت سپر 4 ۾ آرام جي ڏس ۾ ڇڏيل شاداب خان ۽ نسيم شاهه کي کيڏائڻ جو امڪان آهي. جڏهن تھ شاهنواز ڏاهاڻي جي فٽ هجڻ باوجود کيس پلئينگ اليون ۾ نھ کڻڻ تي غور ڪيو ويو آهي ۽ ٽيم جي مڊل آرڊر جي لاڳيتو ناڪامين بابت پڻ مشورا ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي سريلنڪا جي ٽيم پاڪستان خلاف سپر 4 مرحلي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ پليئنگ اليون برقرار رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button