رانديون

اسٽو سمٿ جي سينچري، آسٽريليا ٻئي ون ڊي ۾ بھ نيوزيلينڊ هارائي سيريز کٽي ورتي

آسٽريليا ٻئي ون ڊي ۾ بھ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آهي، جڏهن تھ اسٽيو سمٿ سينچري ٺاهي ورتي آهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا جي ٽيم 5 وڪيٽون وڃائي 267 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 242 رنسون ٺاهي 25 رنسن تان شڪست کاڌي آهي. آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ هڪ ڇڪي ۽ 11 چوڪن جي مدد سان 105 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، مارنس ليبوشين 52 ۽ ايلڪس ڪيري 42 رنسون ڪيون. جڏهن تھ نيوزيلينڊ مان گلين فلپ 47، نيشام 36، فن ايلن 35 ۽ ڪپتان ڪين  وليمسن 27 رنسون ٺاهي سگهيا. آسٽريليا جي بالرن مان مچل اسٽارڪ 3، ڪيمرون گرين ۽ سين ايبٽ 2،2 وڪيٽون ورتيون ۽ نيوزيلينڊ جي ٽرينٽ بولٽ بھ 2 شڪار ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button