رانديون

رميز راجا خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ رٿ جمع ٿي وئي

ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ سريلنڪا هٿان پاڪستان جي ٽيم شڪست سليڪٽرز کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي انگلينڊ، نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز ۽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي اسڪواڊز کي نئين سر ترتيب ڏيڻ بابت مشورا ڪري رهيا آهن. هوڏانهن پي سي بي چيئرمين رميز راجا کي عهدي تان هٽائڻ واري رٿ پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ رميز راجا کي عهدي تي نااهل سڏيو ويو آهي. مسلم ليگ نواز جي ايم پي اي سعديا تيمور رٿ جمع ڪرائي پي سي بي چيئرمين کي هٽائڻ جي باقائدا گهر ڪري ڇڏي. رٿ جي متن ۾ چيو ويو آهي تھ قومي ٽيم جي ايشيا ڪپ ۾ شڪست تي قوم کي مايوس ٿي، تنهنڪري رميز راجا عهدي جو اهل نھ رهيو آهي. متن موجب قومي ٽيم ۾ بهتر ٽريننگ، حڪمت عملي ۽ مينيجمينٽ جو فقدان آهي، بعد ۾ ايشيا ڪپ دوران ڪيتريون ئي خاميون ظاهر ٿيون آهن. هوڏانهن دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رميز راجا ڀارتي ميڊيا تي ڪاوڙ ڏيکاري آهي. هن جو چوڻ هو تھ ڪيچ ڊراپ ٿيڻ تي پوزيشن ڪمزور ٿي، بيٽنگ ۾ رڌم نھ هو، منهنجي خيال ۾ بيٽرز اسپنرز کي کيڏڻ سکن، ڇوتھ مٿن ڪو پريشر نھ هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button