اپريل 2019ع ۾ بي بي سي انسانذات کي درپيش خطرن ۽ انهن جي ڪري پيدا ٿيل سندس بقا جي سوال تي هڪ رپورٽ شايع ڪئي. جيڪا تمام گهڻي ڇرڪائيندڙ هئي. “ڇا انسان لا هي آخري صدي آهي؟” جي عنوان سان شايع ٿيل ان رپورٽ ۾ سوال اٿاريو ويو ته “ڇا انسانن جو اهوئي حشر ٿيڻ وارو آهي، جيڪو ڊائنوسارز جو ٿيو هو؟” اهو سوال اٿارڻ کان پو بي بي سي انسانذات کي درپيش خطرن جي نشاندهي ڪندي لکيو: “انساني نسل کي في الحال ماحولياتي تبديلي، ائٽمي جنگ، وبائي مرضن يا وري زمين سان شهابي پٿرن جي ٽڪرائڻ جهڙا خطرا لاحق آهن.” بي بي سي پاران فلسفي ڊيوڊ ايڊمنڊس جي انهن مامرن جي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه پيش ڪئي وئي، جنهن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته “ڇا هلندڙ صدي جي آخر تائين ڌرتي جي گولي تان انسان جو وجود ميسارجي ته نه ويندو؟”
فلسفي ڊيوڊ ايڊمنڊس جي ڄاڻايل مسئلن جي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه تي آڌاريل بي بي سي جي اها رپورٽ اڄ هتي پيش ڪجي ٿي ته جيئن انسانذات کي درپيش انهن سنگين خطرن کان باخبر رهي سگهجي.
سڀ کان وڏو خطرو ڪهڙو آهي؟ آڪسفورڊ جي فيوچر آف هيومنٽيز انسٽيٽيوٽ جي محقق سينڊرس برگ چيو ته “انسان آڏو ناپيد ٿيڻ جو اهڙو خطرو آهي جيڪو سڄي ڪهاڻي ئي ختم ڪري ڇڏيندو.”
ويهين صدي تائين اسان جو اهو خيال هو ته اسان ڏاڍي محفوظ هنڌ تي آباد آهيون، پر هاڻي صورتحال بلڪل بدلجي چڪي آهي. انسانيت جي ختم ٿيڻ جو خطرو ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي ويو آهي، ان جا ڪجهه مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا.
1980ع جي ڏهاڪي تائين اسان جو اهو خيال نه هو ته آسمان مان ڪرندڙ شهابي پٿرن سان زمين تي ڪا وڏي تباهي ايندي. پر هلندڙ ڏهاڪي ۾ سائنسدان پي پٽ لوئي ۽ والٽر ايواريز هڪ تصور پيش ڪيو ته شهابي پٿرن جي ڪري زمين تان ڊائنوسار ختم ٿي ويا.
ميڪسيڪو جي نار يوڪٽان ۾ هڪ وڏي کڏي جي دريافت کان پو سائنسدانن جي هڪ بين الاقوامي پينل تازو ئي ان خيال جي حمايت ڪئي آهي. بهرحال شهابي پٿرن جي ٽڪرائڻ جو امڪان اڃا ڪونهي. پر اسان پاڻ ئي مختلف قسم جا خطرا پيدا ڪري رهيا آهيون.
آبادي ۾ اضافو، وسيلن جو خاتمو ۽ موسمياتي تبديلي: موسمياتي تبديلي جي خطرن جي اسان کي گهڻي ڄاڻ آهي پر لنڊن يونيورسٽي جو محقق ڪيرن ڪلهيمين آبادي ۾ اضافي تي تحقيق ڪري رهيو آهي. گهٽجندڙ قدرتي وسيلن جي خبرن سان گڏ ان جو ذڪر اسان ان لا نٿا ڪيون ڇاڪاڻ ته اسان ان بابت سوچڻ نٿا چاهيون. ڪيرن موجب جن شين سان انساني آبادي قبرن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي انهن ۾ موسمياتي تبديلي ۽ آبادي ۾ اضافي جو گڏيل مسئلو به شامل آهي. ڪيرن موجب آبادي ۾ اضافي جو آبهوا جي تبديلي تي خاص اثر آهي. ڇاڪاڻ ته وسيلا ختم ٿي رهيا آهن ۽ انهن جو استعمال وڌي رهيو آهي ۽ اهو آبهوا جي تبديلي کي وڌيڪ خوفناڪ صورت فراهم ڪري ٿو. هن جو خيال آهي ته جيڪڏهن آبادي ۾ اضافو رڪجي به وڃي ته ان باوجود موسمياتي تبديلين کي روڪڻ ناممڪن آهي.
حياتياتي رنگيني جي تباهي: ڪجهه محققن جو خيال آهي ته هن صدي جي وچ تائين ڪاروباري ماهيگيري جي صنعت لا سمنڊ ۾ جهجهيون مڇيون نه هونديون، ان جو مطلب هي آهي ته دڪانن ۾ خريدڻ لا ڪا مڇي، چپس يا فش ڪري نه هوندي. ڪيڙا ماڪوڙا به تيزي سان ناپيد ٿي رهيا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ جهرڪين جا ڪيترائي قسم به ختم ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن جي خوراڪ اهي ڪيڙا ماڪوڙا آهن، جيڪي هاڻي نه رهيا آهن. ڪيرن جو چوڻ آهي ته اسان حياتياتي رنگيني جي ختم ٿيڻ جي نتيجن کان اڻڄاڻ آهيون، پر هي چئي سگهجي ٿو ته انهن جي خاتمي سان اسان جي زندگين تي خراب اثر پوڻ وارا آهن.
وبا: ڪيمبرج جي سينٽر فار ايگزسٽينشل رسڪ سان واڳيل للٿا سندرم حياتياتي خطرن جو مطالعو ڪري رهي آهي. هو چوي ٿي ته 1918ع ۾ اسپيني بخار واري وبا دوران هڪ اندازي مطابق اڌ آبادي ان جي وڪڙ ۾ اچي وئي هئي ۽ ان سان 5 کان 10 ڪروڙ ماڻهو مري ويا هئا. وبائي مرض ان وقت پکڙجندا آهن، جڏهن وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿيندي آهي. ان وقت به ماڻهن کي جنگ کان واپس اماڻيو پئي ويو ۽ هو کڏ جهڙن ڪمرن ۾ رهي رهيا هئا. جيتوڻيڪ اسان ويڪسين تيار ڪرڻ ۾ گهڻي مهارت حاصل ڪري چڪا آهيون پر عالمي سطح تي وبا جا خطرا آهن. اسپيني فلو دوران ماڻهو ٽرينن ۽ ٻيڙين تي سفر ڪندا هئا، پر هوائي سفر جي هن دور ۾ وبا جي تيزي سان ڦهلجڻ جو خدشو آهي. (اهو سچ به آهي، ان رپورٽ جي اٺن نون مهينن کان پو ڪرونا وائرس جو تيزي سان ڦهلا ان جو ثبوت آهي، جنهن جي پکيڙ ۾ هوائي سفر فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو.)
جنونين کان خطرو: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ تباهه ڪن حملن جا خطرا وڌي رهيا آهن، مثال طور سنٿيٽڪ بيالوجي جي استعمال سان ليب ۾ موتمار وائرس ٺاهڻ. فيوچر آف لائيف انسٽيٽيوٽ ۾ محقق فل ٽوريس مطابق جيڪڏهن ڪو تباهي آڻيندڙ بٽڻ ايجاد ڪيو وڃي ته ان بٽڻ کي دٻائي تباهي مچائيندڙ ماڻهن جي کوٽ نه آهي. اهو بٽڻ دٻائيندڙ سختگير مذهبي ٿي سگهن ٿا جن کي ان ڳالهه تي يقين هجي ته کين آسمان تان دنيا کي تباهه ڪرڻ جو حڪم مليو آهي ته جيئن ان کي بچائي سگهجي، جيئن جاپان ۾ ٿيو هو. فل مطابق اهڙن ماڻهن مان خطرو آهي، جيڪي انسانن جي تباهي بابت پنهنجي وضاحت رکن ٿا. عوامي هنڌن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪن ٿا، اهي اهڙا ماڻهو ٿي سگهن ٿا جيڪي عوامي يا نجي سطح تي سڀني کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. پر انهن جو تعداد ڪيترو هوندو؟ هڪ ڪاٿي مطابق دنيا ۾ نفسياتي مرضن جي شڪار ماڻهن جو انگ 3 ڪروڙ ٿي سگهي ٿو ۽ انهن مان ڪو به خطرو ٿي سگهي ٿو.
ائٽمي جنگ: ائٽمي جنگ اسان کي مڪمل طور ختم نٿي ڪري سگهي، پر ان جي ڏور رس اثرن سان اسان ختم ٿي سگهون ٿا. گلوبل ڪيٽاسٽروف رسڪ انسٽيٽيوٽ جي سيٿ بام جي خيال ۾ ائٽمي ڌماڪي جي نتيجي ۾ غبار گهڻي بلندي تائين فضا ۾ وڃي سگهي ٿو، اهو غبار ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين اتي رهي سگهي ٿو ۽ سج جي روشني کي روڪي سگهي ٿو. ائٽمي جنگ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي تباهي جو ٿيڻ، معاشي رنڊڪون ۽ آخر ۾ عالمي ماحوليات تي خراب اثر پوڻ آهي.
هٿرادو ذهانت: هٿرادو خطرا ڪيترن ئي قسمن جا ٿي سگهن ٿا. ڪمپيوٽر جي حساب ڪتاب ۾ ڪنهن حادثي جي نتيجي ۾ گڙٻڙ پيدا ٿيڻ سان سڄي دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽ ختم ٿي سگهي ٿي ۽ معيشت تباهه ٿي سگهي ٿي. پر ماهر هڪ شئي بابت ڏاڍو فڪرمند آهن، اها “ڊيپ فيڪ وڊيو” آهي. جنهن ۾ ڪنهن مشهور شخص جي وڊيو سان اهڙي نموني هٿچراند ڪئي وڃي ٿي جو هو هٿچراند ڪندڙ جي خواهش مطابق ڪجهه اهڙو ڪندي يا چوندي نظر اچي جيئن هو چاهي ٿو. مشڪوڪ ايجنٽ ان ذريعي ٻن ملڪن ۾ جنگ ڪرائي سگهن ٿا جيڪو ائٽمي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. اها ٽيڪنيڪ اڳ ۾ موجود آهي ۽ هاڻي اصل ۽ جعلي ۾ فرق ميسارجندو پيو وڃي.
ڄاڻايل خطرن جي نشاندهي ڪرڻ کان پو بي بي سي اهو سوال ڪري ٿي ته “پو اهي خطرا ڪيئن گهٽجي سگهن ٿا؟ اهڙين حالتن ۾ اسان جي تهذيب ۽ تمدن کي ڪيتري سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي؟ ان جو جواب ان ڳالهه تي آڌاريل آهي ته ڪهڙي خطري بابت ڳالهايو پيو وڃي. خيال رهي ته مستقبل پٿر تي لکيل ڪا تحرير نه آهي، ڪيتريون ئي شيون آهن جيڪي اسان ڪري سگهون ٿا ۽ هاڻي وقت عملي قدم کڻڻ جو آهي.” بي بي سي مطابق “پر ڪيرن جو خيال آهي ته آبادي سڀ کان وڏو مسئلو آهي. هو چوي ٿو ته “خاندان جي سائز سان واڳيل سماجي طور طريقن کي بدلائڻ جي ضرورت آهي ۽ ان رويي کي ڇڏڻ ضروري آهي ته اسان جيترا ٻار چاهيون پيدا ڪيون ۽ جيڪي چاهيون کائون. اهڙي نموني اسان عالمي تباهي کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. احتياطي تدبيرن جي قدمن بابت انسانن جو رڪارڊ ڏاڍو خراب رهيو آهي ۽ اسان جا ادارا مستقبل جي نسل جي حق ۾ گهڻو فڪرمند نظر نٿا اچن. پر ڪيرن جو چوڻ آهي ته ايڪيهين صدي انسان جي بقا لا آخري صدي نه ثابت ٿئي ان لا اسان کي انهن خطرن تي سنجيده ٿيڻ جي ضرورت آهي.”
بي بي سي جن خطرن کان آگاهه ڪري ٿي اهو ٺيڪ آهي پر هو انسانيت کي درپيش انهن خطرن ۽ چئلينجن جي اصل سببن کان وڏي چالاڪي سان ڪن لاٽار ڪري وڃي ٿي ۽ ان جا اصل سبب سرمائيداري جي بربريت ۾ موجود آهن. بي بي سي اهو نٿو ٻڌائي. ڇاڪاڻ ته اهڙا ادارا پاڻ ان سرشتي جو حصو آهن، جيڪو اڄ نه رڳو انسانذات پر پاڻ ڌرتي جي گولي لا وڏو خطرو بڻجي ويو آهي. بي بي سي وڌندڙ آبادي کي به عالمي تباهي جو سبب قرار ڏيئي ٿي، جڏهن ته ايئن بنهه ڪونهي، اڄ عالمي تباهي جو سڀ کان وڏو سبب آبادي نه پر سرمائيداري آهي ان جو خاتمو هر صورت ۾ ضروري آهي. پر اولهه جا فلسفي، محقق ۽ بي بي سي جهڙا ادارا ان بابت ماٺ آهن!!