پاڪستانسنڌ

زال مڙس ۾ جهيڙي دوران ڪار واهه ۾ ڪري پئي، جوڙي کي بچايو ويو

زال مڙس جي جهيڙي دوران تيز رفتار ڪار ابل واهه ۾ ڪري پئي، پوليس ۽ ڳوٺاڻن بروقت پهچي ۾ ڪار ۾ ڦاٿل زال مڙس کي ٻاهر ڪڍي ان حوالي سان علائقي واسين ٻڌايو ته ڪار ۾ سنڌ جي ناليواري شاعر علي گل سانگي جي پٽ صدام سانگي ۽ سندس زال ماريا وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ڪار کوسا پل اسٽاپ وٽ ابل واهه ۾ ڪري پئي، جنهن بعد ڪار جي پٺيان ايندڙ پوليس جي گاڏي ۾ سوار اهلڪارن جوڙي کي ڪار مان ٻاهر ڪڍي سندن حياتي بچائي ورتي، جڏهن ته پوليس صدام سانگي ۽ ماريا کي ريسڪيو ڪرڻ بعد حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس ذريعن موجب ماريا جو چوڻ آهي ته صدام کيس مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته پاڻ کي به ماريندس ۽ توکي به نه ڇڏيندس. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button