
ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽرن شاداب خان ۽ آصف علي وچ ۾ ٿيل ٽڪر ۽ ڪيچ ڇڏڻ واري تصوير کي دهلي پوليس ٽريفڪ جي آگاهي مهم ۾ چٿر طور شامل ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق دهلي پوليس جي اهڙي قدم پاڪستاني مداحن کي چيڙائي وڌو، جن ڀارتي پوليس کي شڪست ياد ڏياري ڇڏي.